اسلام آباد- 08 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي مختلف علائقن ۾ تباهي مچائيندڙ طوفان، وڏين برساتن ۽ مٽيءَ جُون ڇپُون ڪرڻ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ "ايڪس" تي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته چين جي گوانگ شي زوانگ خودمختيار علائقي ۽ هوبي ۽ گانسو صوبن ۾ تازو …
وزيراعظم پاران چين ۾ تباهي مچائيندڙ طوفان، وڏين برساتن ۽ مٽيءَ جُون ڇپُون ڪرڻ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي ڏک جو اظهار
اسلام آباد- 08 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي مختلف علائقن ۾ تباهي مچائيندڙ طوفان، وڏين برساتن ۽ مٽيءَ جُون ڇپُون ڪرڻ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ "ايڪس” تي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته چين جي گوانگ شي زوانگ خودمختيار علائقي ۽ هوبي ۽ گانسو صوبن ۾ تازو تباهي مچائيندڙ طوفان، واچُوڙن، مٽيءَ جي ڇپن ۽ تيز برساتن سبب قيمتي جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪريُون ٿا. هن پاڪستان جي عوام ۽ پنهنجي طرفان صدر شي جن پنگ، چين جي حڪومت، عوام ۽ خاص طور تي سوڳوار خاندانن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته هن مُشڪل گهڙي ۾ اسان پنهنجي چيني ڀائرن ۽ ڀينرن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا ۽ زخمين جي جلد صحتيابي ۽ امدادي ۽ رسڪيو ڪاررواين جي ڪاميابي لاءِ دعاڳو آهيون.










