وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني پاران چين ۾ وڏين برساتن ۽ ٻوڏن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد- 08 جولاءِ (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چين ۾ وڏين برساتن ۽ ٻوڏن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وقتي صدر چيو ته قدرتي آفتن جي هن مُشڪل گهڙي ۾ پاڪستان جي عوام پنهنجي چيني ڀائرن جي ڏک ۾ مڪمل طور تي شريڪ …

اسلام آباد- 08 جولاءِ (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چين ۾ وڏين برساتن ۽ ٻوڏن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وقتي صدر چيو ته قدرتي آفتن جي هن مُشڪل گهڙي ۾ پاڪستان جي عوام پنهنجي چيني ڀائرن جي ڏک ۾ مڪمل طور تي شريڪ آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي لازوال دوستي  هر مشڪل وقت ۾ وڌيڪ وڌيڪ مضبوط ٿي سامهُون اچي ٿي.