اسلام آباد - 08 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته عبدالستار ايڌي نه رڳو انسان دوست هو پر قومي وقار ۽ فخر جي هڪ دائمي علامت پڻ هو، سندس زندگي خدمت ۽ همدرديءَ جو بي مثال نمونو هئي. عبدالستار ايڌي جي ڏهين ورسيءَ تي ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته اڄ پوري قوم هڪ اهڙي شخصيت …
عبدالستار ايڌي نه رڳو انسان دوست هو پر قومي وقار ۽ فخر جي هڪ دائمي علامت پڻ هو: صدر آصف علي زرداري
اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته عبدالستار ايڌي نه رڳو انسان دوست هو پر قومي وقار ۽ فخر جي هڪ دائمي علامت پڻ هو، سندس زندگي خدمت ۽ همدرديءَ جو بي مثال نمونو هئي. عبدالستار ايڌي جي ڏهين ورسيءَ تي ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته اڄ پوري قوم هڪ اهڙي شخصيت کي خراج عقيدت پيش ڪري رهي آهي جنهن جي زندگي خدمت ۽ همدرديءَ جو بي مثال نمونو هئي، عبدالستار ايڌي پنهنجي زندگي جو هر لمحو غريبن، بي سهارا، لاوارث ۽ معاشري جي نظرانداز ڪيل ماڻهن جي ڏک کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. صدر چيو ته انسانيت جي خدمت جي لاءِ سندس بي مثال وابستگي ذات، نسل، مذهب ۽ عقيدي جي سمورين حدن کان مٿانهون هئي، هن ثابت ڪيو ته حقيقي عظمت بي غرض خدمت خلق ۾ آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته ايڌي فائونڊيشن جي ذريعي هن سماجي ڀلائي جو هڪ وسيع ۽ مضبوط نظام قائم ڪيو، هن دنيا جو سڀ کان وڏو رضاڪاراڻي ايمبوليس نيٽ ورڪ جوڙيو جيڪو هر مشڪل گهڙيءَ ۾ ضرورتمندن جي لاءِ سهارو ثابت ٿيو، سندس قائم ڪيل پناهگاهون، يتيم خانا ۽ مفت لنگرخانا بي گهر، لاچار ۽ ڪمزور ماڻهن جي لاءِ اميد جي ڪِرن بڻيا. صدر چيو ته عبدالستار ايڌي ثابت ڪيو ته هڪ ماڻهو جو پختو عزم، عوامي خدمت جو هڪ مڪمل نظام قائم ڪري سگهي ٿو. صدر آصف علي زرداري چيو ته عبدالستار ايڌي نه رڳو انسان دوست هو پر قومي وقار ۽ فخر جي هڪ دائمي علامت پڻ هو، سندس اڻٿڪ محنت سان قائم ٿيندڙ ادارا اڄ به لکين ماڻهن جي خدمت ڪري رهيا آهن ۽ ان جي بلند ويزن جو زندهه مثال آهن، سندس ميراث اسان کي همدرديءَ، ايثار ۽ انسان جي وقار جي تحفظ جهڙن اعلى قدرن کي فروغ ڏيڻ جي مسلسل ترغيب ڏيندي رهندي. هن چيو ته اڄ پاڪستان جي عوام ان وچن جو ورجاءُ ڪري ٿي ته عبدالستار ايڌي جي مشن کي اڳتي وڌائيندي انسانيت جي رشتن کي مضبوط ڪنداسين ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائينداسين ته انهن جي شفقت، محبت ۽ خدمت جو روشن ڏيئو سدائين ٻرندو رهي. هن دعا ڪئي ته الله تعالى کيس جنت الفردوس ۾ اعلى ترين مقام عطا فرمائي.










