بلاول ڀٽو زرداري پاران گلگت بلتستان حڪومت کي 100 ڏينهن وارو پلان تيار ڪرڻ جي هدايت

گلگت- 07 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس گلگت ۾ پ پ پ گلگت بلتستان جو هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ گلگت بلتستان جو اڳوڻو گورنر، گلگت بلتستان جو وڏو وزير امجد حسين ايڊووڪيٽ، پارٽيءَ جي عهديدارن ۽ اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران پارتي عهيدارن پ پ پ چيئرمين کي تازين چونڊن بابت پنهنجي تفصليي رپورٽ پيش …

گلگت- 07 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس گلگت ۾ پ پ پ گلگت بلتستان جو هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ گلگت بلتستان جو اڳوڻو گورنر، گلگت بلتستان جو وڏو وزير امجد حسين ايڊووڪيٽ، پارٽيءَ جي عهديدارن ۽ اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران پارتي عهيدارن پ پ پ چيئرمين کي تازين چونڊن بابت پنهنجي تفصليي رپورٽ پيش ڪئي ۽ گلگت بلتستان ۾ انتظامي معاملن کي وڌيڪ بهتر بنائڻ لاءِ مختلف تجويزون به ڏنيون. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري پارٽي اڳواڻن ۽ حڪومت کي هدايت ڪئي ته هو بند ڪمرن ۾ ويهڻ بدران عوام جي وچ ۾ رهي حڪومت هلائين ۽ عوامي مسئلن جي حل کي پنهنجي اولين ترجيح بڻائين. هن هدايت ڪئي ته گلگت بلتستان جي ترقي ۽ عوامي ڀلائي لاءِ 100 ڏينهن وارو جامع منصوبو تيار ڪيو وڃي ۽ مقرر وقت مڪمل ٿيڻ تي ان جي ڪارڪردگي رپورٽ کيس پيش ڪئي وڃي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته ملڪيتي حق بابت قانونسازي تي اثرائتي عملدرآمد يقيني بڻائي وڃي، جڏهن ته حاڪميت واري حق جي حوالي سان گلگت بلتستان اسيمبليءَ جي پهرين اجلاس ۾ رِٿ پيش ڪئي وڃي. هن مڪاني چونڊن جي بندوبست لاءِ فوري طور تي فرائونڊ ورڪ مڪل ڪرڻ جي به هدايت ڪندي چيو ته مقامي حڪومتن جو اثرائتو نظام عوامي مسئلن جي حل ۽ اختيارن جي هيٺئين سطح تي منتقلي اڻٽر آهي.