وفاقي ڪايبنا پاران چار سالا حج پاليسي ۽ 2030 – 2027ع بابت پلان جي منظوري،  پاليسي تحت خواهشمند ماڻهو 2030ع تائين ڪنهن به سال جي لاءِ حج جي رجسٽريشن ڪرائي سگهندا

اسلام آباد - 07 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي ڪايبنا چار سالا حج پاليسي ۽ 2030 – 2027ع بابت پلان جي منظوري ڏني جنهن تحت خواهشمند ماڻهو 2030ع تائين ڪنهن به سال جي لاءِ حج جي رجسٽريشن ڪرائي سگهندا. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ اڱاري ڏينهن ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفاقي ڪابينا هلندڙ سال بهترين حج انتظامن تي …

اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي ڪايبنا چار سالا حج پاليسي ۽ 2030 – 2027ع بابت پلان جي منظوري ڏني جنهن تحت خواهشمند ماڻهو 2030ع تائين ڪنهن به سال جي لاءِ حج جي رجسٽريشن ڪرائي سگهندا. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ اڱاري ڏينهن ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفاقي ڪابينا هلندڙ سال بهترين حج انتظامن تي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف ۽ وزارت جي ٽيم جي واکاڻ ڪئي. وفاقي ڪابينا کي حج پاليسي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته نئين حج پاليسي پهريون ڀيرو هڪ سال بدران چار سالن جي لاءِ جوڙي وئي آهي ۽ ان ۾ ايندڙ چار سالن جي لاءِ منصوبابندي ڪئي وئي آهي. ان پاليسي تحت ڊگهي مدي واري پلاننگ، آپريشنز ۾ بهتري ۽ حاجين کي بهترين سهولتن جي فراهمي ممڪن ٿيندي. تجويز ڪيل پاليسي جي لاڳو جي لاءِ ايس او پيز ۽ ٻيا ضابطا ٺاهيا ويندا، پاليسي کي سعودي قانونن ۽ ضابطن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ ان ۾ ضرورت موجب ترميمون ڪري سگهبيون. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته پاليسي تحت حج جا خواهشمند ماڻهو ساليانو بدران 2030ع تائين ڪنهن به سال جي لاءِ پنهنجي ضرورت موجب بنا رڪاوٽ حج جي رجسٽريشن ڪرائي سگهندا، ان جي نتيجي ۾ ترجيحي ويٽنگ لسٽ جوڙي ويندي، ان سان گڏوگڏ شرعي اصولن موجب سيونگ اسڪيم پڻ متعارف ڪرائي پئي وڃي جنهن تحت حج جا خواهشمند ماڻهو مستقبل ۾ حج جي لاءِ سيونگ اسڪيم مان فائدو کڻي سگهندا. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته حج جي سموري نظام کي ڊيجيٽل ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ ادائيگيون به ڊيجيٽل نظام جي ذريعي ٿينديون، ان کانسواءِ شڪايتن جو ڊيجيٽل نظام ۽ ڊيجيٽل نگراني ٿيندي، پاليسي تحت سرڪاري ۽ پرائيويٽ حج جي ڪوٽا مختص ڪئي وئي آهي، ڊگهي ۽ مختصر مدي جا حج پروگرام متعارف ڪرايا پيا وڃن جڏهن ته حاجين جي ضروري تربيت ۽ تڪافل ۽ هنگامي ريسپانس پڻ پاليسي جو حصو آهي. وفاقي ڪابينا هدايت ڪئي ته معاونين حج جي مقرري هڪ شفاف نظام ۽ نج ميرٽ تي ٿئي. وڌيڪ اهو ته پرائيويٽ ۽ سرڪاري حج جي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن يقيني بڻائي وڃي. بيان موجب وفاقي ڪابينا شهرين کي علاج جي معياري سهولتن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اسلام آباد ۾ موجود  آئيسوليشن هاسپيٽل اينڊ انفيڪشن ٽريٽمينٽ سينٽر ۽ ريجنل بلڊ سينٽر جي سروسز جي آئوٽ سورسنگ جي پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي. فيصلي کانپوءِ قومي صحت واري وزارت انهن اسپتالن جي آئوٽ سورسنگ قاعدن ۽ ضابطن موجب يقيني بڻائيندي. وفاقي ڪابينا کي ريلوي واري وفاقي وزير ٻڌايو ته ريلوي جي آمدني 25 – 2024ع ۾ 95 ارب کان وڌي گذريل مالي سال 2026 – 2025ع ۾ 115 ارب رپين کان وڌي وئي جيڪو 24.19 سيڪڙو اضافو آهي. فريٽ آمدني ۾ 8 ارب رپين کان وڌيڪ، ٻي آمدني ۾ 7 ارب رپين کان وڌيڪ، پراپرٽي ۽ لينڊ آمدني ۾ 6 ارب رپين کان وڌيڪ ۽ مسافرن جي اچ وڃ سان آمدني ۾ 3.37 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ريلوي آپريشنز ۾ بهتري سان گڏوگڏ فريٽ ڪارگو جي اچ وڃ جي بهتري يقيني بڻائي وئي آهي. وفاقي ڪابينا ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي ۽ سندس ٽيم جي واکاڻ ڪئي. وفاقي ڪابينا قانونسازي بابت ڪابينا ڪميٽي جي 19 مئي 2026ع ۽ اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 2 جولاءِ 2026ع تي ٿيندڙ اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.