بئنڪاري تڪرارن جي فوري ۽ اثرائتي حل لاءِ اداره جاتي سهڪار اڻٽر آهي: چيف جسٽس يحيٰ آفريدي

اسلام آباد- 07 جولاءِ (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان، جسٽس يحيٰ آفريدي سان بئنڪنگ محتسب پاڪستان سراج الدين عزيز سپريم ڪورٽ ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ بئنڪاري تڪرارن جي اثرائتي ۽ تيز رفتار حل، جاري سڌارن وارن قدمن ۽ انصاف جي فراهميءَ جي نظام کي وڌيڪ بهتر بنائڻ وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ويجهڙ ۾ ئي چيف جسٽس جي صدارت هيٺ لا …

اسلام آباد- 07 جولاءِ (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان، جسٽس يحيٰ آفريدي سان بئنڪنگ محتسب پاڪستان سراج الدين عزيز سپريم ڪورٽ ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ بئنڪاري تڪرارن جي اثرائتي ۽ تيز رفتار حل، جاري سڌارن وارن قدمن ۽ انصاف جي فراهميءَ جي نظام کي وڌيڪ بهتر بنائڻ وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ويجهڙ ۾ ئي چيف جسٽس جي صدارت هيٺ لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان جي حيثيت سان ٿيل اعليٰ سطحي مشاورتي اجلاس جي روشنيءَ ۾ بئنڪاري ڪيسن جي نظام کي اثرائتو بنائڻ، قانونسازي ۽ طريقيڪار ۾ سڌارن سان گڏ متبادل تڪراري حل (اي ڊي آر) کي هٿي ڏيڻ بابت قدمن تي به ڳالهيون ٿيون. بئنڪنگ محتسب سراج الدين عزيز، چيف جسٽس کي اداري جي سال 2025ع جي ڪارڪردگي کان آگاهه ڪندي ٻُڌايو ته اداري سال دوران 36280 شڪايتون اُڪلايون. هن ٻُڌايو ته سال جي شروعات تي 13793 شڪايتون التوا هيٺ هيون، جڏهن ته 35130 نيون شڪايتون وصول ٿيون، ان باوجود مجموعي التوا هيٺ ڪيسن ۾ 8 سيڪڙو گهٽتائي آندي وئي. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته بئنڪاري محتسب سال 2025ع دوران بئنڪاري صارفين کي هڪ ارب 87 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو رليف فراهم ڪيو، جڏهن ته شڪايتن جي ازالي جو پورو نظام شهرين لاءِ مڪمل طور تي مفت آهي. چيف جسٽس بئنڪنگ محتسب طرفان وڏي انگ ۾ شڪايتن جي وقت سر فيصلن ۽ بئنڪاري صارفين کي نمايان مالي رليف فراهم ڪرڻ جي ڪوششن کي ساراهيو. سراج الدين عزيز ان عزم جو اظهار ڪيو ته بئنڪاري محتسب ادارو بئنڪاري تڪرارن جي مؤثر حل، اداره جاتي سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ بهترين طريقيڪار جي مٽاسٽا جي ذريعي عدالتي ۽ قانوني سڌارن ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو رهندو. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ته بئنڪاري تڪرارن جي حل لاءِ شفاف، مؤثر ۽ شهري دوست نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو ۽ انصاف جي شعبي ۾ وڏن سڌارن لاءِ ادارن وچ ۾ سهڪار کي هٿي ڏني ويندي.