حڪومت جديد طبي سهولتن ۽ عالمي معيار جي ادارن سان ڀائيواريءَ لاءِ پُرعزم، جناح ميڊيڪل ڪامپليڪس کي خطي جو ناليوارو طبي مرڪز بڻايو ويندو: پروفيسر احسن اقبال

شڪاگو- 07 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت جديد طبي سهولتن ۽ عالمي معيار جي طبي ۽ تعليمي ادارن سان ڀائيواريءَ لاءِ پُرعزم آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن تحت جناح ميڊيڪل ڪامپليڪس کي خطي جو ناليوارو طبي مرڪز بڻايو ويندو. اها ڳالهه هن يونيورسٽي آف الينوائي شڪاگو جي دؤري دوران چئي. وفاقي وزير پنهنجي …

شڪاگو- 07 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت جديد طبي سهولتن ۽ عالمي معيار جي طبي ۽ تعليمي ادارن سان ڀائيواريءَ لاءِ پُرعزم آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن تحت جناح ميڊيڪل ڪامپليڪس کي خطي جو ناليوارو طبي مرڪز بڻايو ويندو. اها ڳالهه هن يونيورسٽي آف الينوائي شڪاگو جي دؤري دوران چئي. وفاقي وزير پنهنجي آمريڪا جي دؤري دوران يونيورسٽي آف الينوائي شڪاگو ويو، جتي ٻنهي ملڪن وچ ۾ طبي تعليم، تحقيق ۽ صحت جي شعبي ۾ مستقبل جي سهڪار جي امڪانن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن يونيورسٽيءَ جي پروسٽ، وائيس پرووسٽ ۽ ڊين فيڪلٽي آف ميڊيسن سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران وزيراعظم جي ڄاڻايل جناح ميڊيڪل ڪامپليڪس اينڊ ريسرچ سينٽر ۽ پاڪستاني ڪِڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ اينڊ ريسرچ سينٽر (پي ڪي ايل آءِ) سان مستقبل ۾ اداره جاتي سهڪار جي امڪانن جو جائزو ورتو ويو. ڳالهين ۾ طبي تعليم، جديد طبي تحقيق، جدت، جديد علاج ۽ اداره جاتي رابطن کي هٿي ڏيڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويو. پروفيسر احسن اقبال، وزيراعظم جي ويزن جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان حڪومت جديد ترين طبي سهولتن جي فراهميءَ سان گڏوگڏ عالمي معيار جي تعليمي ۽ طبي ادارن سان مضبوط ڀائيواري قائم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي ته جيئن جناح ميڊيڪل ڪامپليڪس اينڊ ريسرچ سينٽر کي خطي جي ناليوارن طبي مرڪزن ۾ شامل ڪري سگهجي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ روبوٽڪ سرجريءَ سميت جديد طبي سهولتن طرف تيزيءَ سان اڳڀرائي ڪري رهيو آهي ۽ ان شعبي ۾ يونيورسٽي آف الينوائي شڪاگو جي وڏي تجربي ۽ مهارت مان فائدو کڻڻ چاهيون ٿا. ان سلسلي ۾ هن پي ڪي ايل آءِ جي صدر پروفيسر ڊاڪٽر سعيد اختر کي آن لائن ذريعن سان يونيورسٽي جي قيادت ۽ ميڊيڪل فيڪلٽي کان متعارف ڪرايو جنهن دوران مستقبل ۾ سهڪار جي امڪاني شعبن تي شروعاتي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستان آمريڪا ناليج ڪوريڊور جي دائره ڪار کي هٿي ڏيندي طبي علم کي به ان ۾ شامل ڪرڻ جي تجويز تي غور ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ فيڪلٽي ۽ شاگردن جي مٽاسٽا، وظيفن، گڏيل تحقيقي رٿائن، جديد جراحي تربيت ۽ اداره جاتي ڀائيواريءَ جهڙن امڪانن تي ڳالهيون ٿيون. پروفيسر احسن اقبال چيو ته پاڪستان عالمي سطح تي ڪامياب اڪيڊمڪ ميڊيسن ۽ مضبوط صحت جي نظام جي ماڊلز مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو ته جيئن سڄي ملڪ ۾ اُڀرندڙ طبي ادارن جي ترقي کي عالمي معيار سان هم آهنگ بڻائي سگهجي. هن پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ تعليمي سهڪار جي ڪامياب روايت جو ذڪر ڪندي چيو ته پنهنجي گذريل وزارت واري دؤر ۾ هن پاڪستان حڪومت جي مالي ڀائيواريءَ کي يقيني بنائي فل برائٽ اسڪالرشپ پروگرام کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ هي پروگرام دنيا جي وڏي فل برائٽ پروگرامن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. هن چيو ته اهي قدم انساني وسيلن جي ترقي ۽ عالمي تعليمي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو مظهر آهن. يونيورسٽي آف الينوائي شڪاگو جي قيادت انهن خيالن جي آجيان ڪندي پاڪستاني ادارن سان رابطا برقرار رکڻ ۽ طبي تعليم، تحقيق ۽ صحت جي شعبي ۾ گڏيل مفاد تي ٻَڌل مستقبل جي سهڪار جي امڪانن جو جائزو وٺڻ ۾ دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں