جديد قانوني چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ججن جي خاص تربيت اڻٽر آهي: اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد- 07 جولاءِ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته تيزيءَ سان بدلجندڙ ٽيڪنالاجي، واپاري رجحانن ۽ معاشرتي ضرورتن کي نظر رکندي ججن جي خاص تربيت وقت جي اهم ضرورت آهي ته جيئن جديد قانوني چئلينجز سان اثرائتي انداز ۾ مُنهن ڏئي سگهجي. ترجمان موجب هن اها ڳالهه قانون ۽ انصاف واري وزارت ۾ ريسرچ سوسائٽي آف انٽرنيشنل لا (آر …

اسلام آباد- 07 جولاءِ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته تيزيءَ سان بدلجندڙ ٽيڪنالاجي، واپاري رجحانن ۽ معاشرتي ضرورتن کي نظر رکندي ججن جي خاص تربيت وقت جي اهم ضرورت آهي ته جيئن جديد قانوني چئلينجز سان اثرائتي انداز ۾ مُنهن ڏئي سگهجي. ترجمان موجب هن اها ڳالهه قانون ۽ انصاف واري وزارت ۾ ريسرچ سوسائٽي آف انٽرنيشنل لا (آر ايس آءِ ايل) ۽ سنڌ جوڊيشل اڪيڊمي جي ڪراس پروونشل جوڊيشل فيلوشپ پروگرام ۾ شريڪ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز جي وفد سان ملاقات دوران چئي. اعظم نذير تارڙ چيو ته انصاف جو نظام بدلجندڙ گهُرجن سان هم آهنگ هئڻ گهرجي ۽ ٽيڪنالاجي، ڪمرشل قانونن ۽ متبادل تڪراري حل (اي ڊي آر) جهڙن شعبن ۾ مهارت مستقبل جي عدليه لاءِ اڻٽر آهي. هن عدالتي سگهه ۾ واڌ ۽ قانوني سڌارن لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ به ڪيو. وفاقي وزير ٻُڌايو ته انٽرنيشنل ميڊي ايشن اينڊ آربيٽريشن سينٽر (آءِ ايم اي سي) تحت هاڻ تائين اٽڪل 1400 جج، وڪيل، سرڪاري آفيسر، تعليمي ماهر ۽ ٻيا پيشيور ماڻهو تربيت حاصل ڪري چڪا آهن. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته فوجداري ضابطه ڪار (سي آر پي سي) ۾ 100 کان وڌيڪ ترميمون تجويز ڪيون پيون وڃن ته جيئن فوجداري انصاف جي نظام کي جديد گهُرجن سان هم آهنگ ۽ اثرائتو بنائي سگهجي. ان موقعي تي آءِ ميڪ جي رجسٽرار احسان الله خان وفد جي آجيان ڪئي جڏهن ته آر ايس آءِ ايل جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جمال عزيز ۽ سنڌ جوڊيشل اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عارف راجپوت فيلوشپ پروگرام جي مقصدن تي روشني وڌي. تقريب جي پڄاڻيءَ تي قانون ۽ انصاف واري سيڪريٽري راجا نعيم اڪبر (هلال امتياز) عدالتي سڌارن، اداره جاتي سهڪار ۽ قانون جي حڪمراني کي هٿي وٺرائڻ لاءِ وزارت جي عام جو ورجاءُ ڪندي جديد، اثرائتو ۽ عوام دوست انصاف جي نظام جي قيام لاءِ عدالتي سگهه وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. ان کان علاوه ججن ۽ قانون ۽ انصاف واري وزارت جي اعليٰ عملدارن وچ ۾ قانوني سڌارن، متبادل تڪراري حل، عدالتي جديد ڪاري ۽ پاڪستان جي انصاف واري نظام جي مستقبل بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ به ڪئي وئي.

مزید خبریں