حڪومت مالياتي شعبي ۾ سڌارن جي ايجنڊا تي ڀرپور انداز ۾ عمل ڪري رهي آهي: بلال اظهر ڪياني

اسلام آباد- 07 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي بابت مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته مضبوط، شفاف ۽ جديد بئنڪاري نظام ملڪي معيشت جي پائيدار ترقي، سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ ۽ نجي شعبي کي آسان مالي سهولتن جي فراهميءَ لاءِ اڻٽر آهي، حڪومت مالياتي شعبي ۾ سڌارن جي ايجنڊا تي ڀرپور انداز ۾ عمل ڪري رهي آهي ته جيئن ڪاروباري سرگرمين کي هٿي ملي، سيڙپڪارن جو اعتماد وڌي …

اسلام آباد- 07 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي بابت مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته مضبوط، شفاف ۽ جديد بئنڪاري نظام ملڪي معيشت جي پائيدار ترقي، سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ ۽ نجي شعبي کي آسان مالي سهولتن جي فراهميءَ لاءِ اڻٽر آهي، حڪومت مالياتي شعبي ۾ سڌارن جي ايجنڊا تي ڀرپور انداز ۾ عمل ڪري رهي آهي ته جيئن ڪاروباري سرگرمين کي هٿي ملي، سيڙپڪارن جو اعتماد وڌي ۽ معيشت وڌيڪ مستحڪم ٿئي. هن اها ڳالهه اڱاري ڏينهن ڪراچيءَ ۾ رٿيل پاڪستان بئنڪنگ سَمٽ کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته بئنڪاري شعبو قومي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ حڪومت نجي شعبي کي آسانيءَ سان مالي وسيلن تائين پهچ فراهم ڪرڻ کي پنهنجي پهرين ترجيحن ۾ شامل ڪيو آهي، جديد گهُرجن سان هم آهنگ بئنڪاري نظام نه صرف اقتصادي سرگرمين کي هٿي ڏئي ٿو، پر پائيدار اقتصادي اؤسر لاءِ به بنيادي اهميت رکي ٿو. بلال اظهر ڪياني چيو ته پاڪستان ۾ ڪيش ليس معيشت ۽ ڊجيٽل ادائگين کي هٿي وٺرائڻ جي رفتار ۾ نمايان تيزي آئي آهي. گذريل سال جون ۾ سڄي ملڪ ۾ ڊجيٽل مرچنٽس جو انگ اٽڪل 5 لک هو، جيڪو هاڻ وڌي 20 لک کان وڌي ويو آهي. اهڙيءَ طرح ڊجيٽل بئنڪاري استعمال ڪندڙ صارفين جو انگ گذريل سال جون ۾ 9 ڪروڙ 50 لک هو، جنهن کي هلندڙ سال جون تائين 12 ڪروڙ تائين وٺي وڃڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اهو انگ هدف کان وڌي 13 ڪروڙ 50 لک کان به وڌيڪ ٿي ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڊجيٽل مالياتي سرگرمين ۾ به غير معمولي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. گذريل سال ڊجيٽل ٽرانزيڪشنز جو ڳاڻيٽو 6.9 ارب هو، جيڪو هاڻ وڌي 11.3 ارب تائين پهچي چڪو آهي. اهي ڪاميابيون وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ڊجيٽل پاڪستان ويزن ۽ ان تحت کنيل مؤثر قدمن جو نتيجو آهي. هن ٻُڌايو ته ملڪ ۾ فائبرائزيشن جي عمل کي تيز ڪرڻ لاءِ مختلف سرڪاري ادارن وچ ۾ رائٽ آف وي بابت قدم کنيا ويا آهن ته جيئن ڊجيٽل انفراسٽڪچر کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي. بلال اظهر ڪياني چيو ته حڪومت سماجي تحفظ جي پروگرامن ۽ سرڪاري ادائگين جي ڊجيٽلائزيشن تي به خاص ڌيان ڏنو آهي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت سموريون ادائگيون ڊجيٽل نظام تي منتقل ڪيون ويون آهن، جڏهن ته رمضان رليف پيڪيج جي سبسڊي به ان ئي طريقيڪار ذريعي حقدارن تائين پهچائي وئي. هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي سطح تي حڪومتي ادائگين کي مڪمل طور تي ڊجيٽل بنائڻ لاءِ قدم تيزيءَ سان جاري آهن، جنهن جا هاڪاري نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. حڪومت هلندڙ سال جي پڄاڻيءَ تائين سمورين سرڪاري ادائگين کي ڊجيٽل نظام تي منتقل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي. ان سان گڏوگڏ عوام وچ ۾ ٿيندڙ مالي ادائگين ۽ شهرين طرفان سرڪاري ادارن کي ملندڙ ادائگيون به مڪمل طور تي ڊجيٽل بنائڻ لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن. هن ٻُڌايو ته ناڻي وزارت ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ صوبائي حڪومتن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌُرين سان مسلسل رابطي ۾ آهي ۽ انهن سمورن قدمن مان واضح ٿئي ٿو ته حڪومت ڪيش ليس پاڪستان جي ويزن تي ثابت قدميءَ سان عملدرآمد ڪري رهي آهي. هن چيو ته اها وزيراعظم جي پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ وزيراعظم پاڻ ان پوري عمل جي نگراني ڪري رهيو آهي. وزيراعظم جي هدايت تي ڊجيٽلائزيشن جي عمل جي نگراني هڪ آزاد ٿرڊ پارٽي ذريعي به ڪرائي پئي وڃي ته جيئن شفافيت ۽ مؤثر عمل درآمد کي يقيني بڻائي سگهجي. هن ڊجيٽل ادائگين کي هٿي وٺرائڻ ۾ بئنڪن، مالياتي ادارن ۽ پاڪستان بئنڪرز ايسوسيئيشن جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته حڪومت ان نظام کي وڌيڪ مؤثر، شفاف، محفوظ ۽ اعتماد جوڳو بنائڻ لاءِ سمورن لاڳاپيل ڀائيوارن سان ويجهي مشاورت ۽ سهڪار جو سلسلو جاري رکندي.

مزید خبریں