اسلام آباد- 07 جولاءِ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته ڪي پي ڪي ۾ ڪا ترقي ناهي ٿي، وڏو وزير ۽ صوبائي ڪابينه هاڻ تائين صرف اڊيالا جيل ٻاهران ويهڻ ۽ صوبي جا وسيلا ضايع ڪرڻ تي زور ڀريو آهي. اڱاري ڏينهن سماجي رابطن واري سائيٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ اسيمبليءَ ۾ عوامي …
ڪي پي ڪي ۾ ڪا ترقي ناهي ٿي، وڏو وزير ۽ صوبائي ڪابينه هاڻ تائين صرف اڊيالا جيل ٻاهران ويهڻ ۽ صوبي جا وسيلا ضايع ڪرڻ تي زور ڀريو آهي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد- 07 جولاءِ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته ڪي پي ڪي ۾ ڪا ترقي ناهي ٿي، وڏو وزير ۽ صوبائي ڪابينه هاڻ تائين صرف اڊيالا جيل ٻاهران ويهڻ ۽ صوبي جا وسيلا ضايع ڪرڻ تي زور ڀريو آهي. اڱاري ڏينهن سماجي رابطن واري سائيٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ اسيمبليءَ ۾ عوامي رليف بدران ميمبرن جي ذاتي مفادن جو بل پيش ڪيو ويو، ڪي پي ڪي جي اسيمبليءَ ميمبرن کي ٽول ٽيڪس کان ڇوٽ ڏيڻ ڪهڙو فلاحي منصوبو آهي؟ هن چيو ته ميمبر هاڻ 8 منع ٿيل بور جا هٿيارن جو لائسنس حاصل ڪري وٺندا، ميمبرن ۽ ان جي زالن کي سڄي عمر بليو پاسپورٽ ڏيڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي، اسيمبلي ميمبر سرڪاري گيسٽ هائوس ۾ 3 ڏينهن مفت قيام ڪري سگهن ٿا، ڇا اهي ڪي پي ڪي جي عوام سان جڙيل اهم مسئلا هئا، جن کي وقت سر حل ڪري رليف ڏنو ويو؟











