اسلام آباد- 07 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڱاري ڏينھن ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1199.14 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 186255.55 پوائنٽس تي بند ٿيو. مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 564 ڪمپينن جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 192 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 271 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 101 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. ڪاروباري سرگرمين دوران 984.84 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي …
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائي جو رجحان، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1199.14 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 186255.55 پوائنٽس تي بند

مزید خبریں
اسلام آباد- 07 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڱاري ڏينھن ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1199.14 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 186255.55 پوائنٽس تي بند ٿيو. مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 564 ڪمپينن جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 192 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 271 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 101 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. ڪاروباري سرگرمين دوران 984.84 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن جي ماليت 45.70 ارب رپيا هئي. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 457.97 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 55672.43 پوائنٽس ۽ اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 2680.92 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 263007.84 پوائنٽس ٿي ويو. فيوچر ٽريڊنگ تحت 9.17 ارب رپين جا سودا طئي ٿيا. گذريل ڏينهن ٽي پي ايل ريٽ جي 75734236 شيئرز، ٽي پي ايل پراپرٽيز 72488592 شيئرز ۽ بئنڪ آف پنجاب جي 60713301 شيئرز جو ڪاروبار ٿيو. طارق ڪارپوريشن لميٽيڊ، فرسٽ پنجاب مضاربه ۽ اتفاق آئرن انڊسٽريز سرفهرست ايڊوانسر ڪمپنيون رهيون.











