گڏيل قومون- 07 جولاءِ (اي پي پي) گهرو وزير محسن نقوي گڏيل قومن جي انتظام هيٺ عالمي پوليس سربراهن جي پنجين ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. 7 ۽ 8 جولاءِ 2026ع تي ٿيندڙ ان ڪانفرنس ۾ سڄي دنيا سان لاڳاپيل وزيرن، پوليس سربراهن، گڏيل قومن جي سينيئر قيادت ۽ ڀائيوار ان ڳالهه تي غور ڪندا ته عالمي اداري جي پوليسنگ موجوده امن ۽ سلامتي جي چئلينجز کي ڪهڙيءَ طرح …
گهرو وزير گڏيل قومن جي انتظام هيٺ عالمي پوليس سربراهن جي پنجين ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو

مزید خبریں
گڏيل قومون- 07 جولاءِ (اي پي پي) گهرو وزير محسن نقوي گڏيل قومن جي انتظام هيٺ عالمي پوليس سربراهن جي پنجين ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. 7 ۽ 8 جولاءِ 2026ع تي ٿيندڙ ان ڪانفرنس ۾ سڄي دنيا سان لاڳاپيل وزيرن، پوليس سربراهن، گڏيل قومن جي سينيئر قيادت ۽ ڀائيوار ان ڳالهه تي غور ڪندا ته عالمي اداري جي پوليسنگ موجوده امن ۽ سلامتي جي چئلينجز کي ڪهڙيءَ طرح مُنهن ڏئي سگهي ٿي. گهرو وزير سربراهي اجلاس ۾ شرڪت کان علاوه زمبابوي، سريلنڪا، بنگلاديش، سوڊان ۽ روس جي هم منصبن ۽ چين جي پرڏيهي وزير سان ٻه طرفيون ملاقاتون به ڪندو. يو اين ڪوپس 2026ع کان اڳ پريس بريفنگ ۾ گڏيل قومن جي امن آپريشن بابت انڊر سيڪريٽري جين پيئر لاڪروڪس چيو ته اها ڪانفرنس اُڀرندڙ عالمي سلامتي جي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ عالمي پوليس اڳواڻن لاءِ ”اهم فورم“ طور تي ڪم ڪندو. گڏيل قومن جي پوليس ايڊوائيزر فيصل شاهڪار (جيڪو پاڪستان جو پوليس آفيسر آهي) سان ڳالهيون ڪندي پيئر لاڪروس چيو ته سربراهي اجلاس ۾ ٽن بنيادي شعبن تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويندو، جن ۾ گڏيل قومن جي پوليسنگ جو مستقبل ۽ جديد امن جي قيام ۾ ان جو ڪردار، جدت ۽ اُڀرندڙ ٽيڪنالاجي ۽ عالمي امن، سلامتي ۽ ترقي کي مضبوط بنائڻ شامل آهي. ان موقعي تي اهم ترجيحن خاص ڪري منظم ڏوهه، عورتن، امن ۽ سلامتي، جنگين دوران جنسي تشدد، صنفي جوابده پوليسنگ، فرانزڪ، ڊجيٽل تشدد، ثقافتي ورثي جو تحفظ، ٻولي جي تربيت ۽ عالمي سپلاءِ چين سيڪيورٽي جهڙن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اها سربراهي اجلاس ڀائيواريءَ کي مضبوط ڪرڻ ۽ گڏيل قومن جي پوليس لاءِ سهڪار کي متحرڪ ڪرڻ جو موقعو پڻ فراهم ڪندي جيڪو عوام تي ٻَڌل، حقن تي ٻَڌل، جديد، چست، خاص مقصد لاءِ موزون آهي. جين پيئر لاڪروڪس چيو ته چيو ته گڏيل قومن جي پوليس جي ذميداري جو لازمي حصو قومي پوليس خدمتن سان ڀائيواري آهي ته جيئن ميزبان ملڪن کي پنهنجي سيڪيورٽي جي وڌندڙ ذميداري کڻڻ لاءِ ضروري مهارتن، ادارن ۽ اعتماد جي تعمير ۾ مدد ملدي. ان سربراهي اجلاس جو مقصد ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ آهي ته اسان جي تنظيم 77 ملڪن جي تقريبن 4500 يو اين پوليس جي مدد لاءِ تيار آهي جيڪا اسان جي امن جي ڪاررواين ۾ خدمتون انجام ڏئي رهي آهي. هن چيو ته اها سمٽ قومي پوليس خدمتن سان اسان جي سهڪار کي وڌائڻ جو هڪ موقعو به آهي، ان ڳالهه کي تسليم ڪندي اڄ جي سيڪيورٽي چئلينجز تيزيءَ سان سرحدن سان اڳتي وڌي رهيا آهن جن لاءِ اجتماعي ردِعمل جي ضرورت آهي. گڏيل قومن جي پوليس صلاحڪار فيصل شاهڪار چيو ته ان سربراهي اجلاس جو پيغام امن جي سلامتيءَ لاءِ لازمي آهي. هن چيو ته تڪرار سان متاثر ڪميونٽيز لاءِ امن صرف هٿيارن جي خاموشي ناهي پر اهي گهر واپس، ٻارن جي اسڪول اُماڻڻ، تشدد جو اطلاع ڏيڻ، انصاف تائين رسائي ۽ انهن ادارن تي ڀروسو ڪرڻ جي صلاحيت به آهي جيڪي ان جي حفاظت لاءِ آهن. فيصل شاهڪار چيو ته 77 مختلف پوليسنگ ثقافتن، ٻولين ۽ مهارت جي شعبن سان آفيسرن جو اجتماع ۽ جدت ڪميونٽيز تائين پهچڻ، قومي صلاحيتن کي وڌائڻ ۽ منظم ڏوهن، جنسي ۽ صنفي بنياد تي تشدد، سائبر ڪرائيم ۽ ڊجيٽل سميت پيچيده خطرن کي مُنهن ڏيڻ ۾ وڌيڪ مؤثر طريقي سان اسان جي مدد ڪندو.











