اسلام آباد- 07 جولاءِ (اي پي پي) عالم سڳورن حوالدار لالڪ جان شهيد (نشانِ حيدر) جي لازوال قرباني کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو آهي، حوالدار لالڪ جان شهيد جي يوم شهادت تي سڄي ملڪ جي مسجدن ۾ قرآن خواني ۽ دعائن جو انتظام ڪيو ويو. عالم سڳورن حوالدار لالڪ جان شهيد، نشان حيدر کي سندس بي مثال جرئت، بهادري ۽ وطن سان وفا تي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. عالم سڳورن …
عالم سڳورن پاران حوالدار لالڪ جان شهيد (نشانِ حيدر) جي لازوال قرباني کي خراجِ عقيدت پيش

مزید خبریں
اسلام آباد- 07 جولاءِ (اي پي پي) عالم سڳورن حوالدار لالڪ جان شهيد (نشانِ حيدر) جي لازوال قرباني کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو آهي، حوالدار لالڪ جان شهيد جي يوم شهادت تي سڄي ملڪ جي مسجدن ۾ قرآن خواني ۽ دعائن جو انتظام ڪيو ويو. عالم سڳورن حوالدار لالڪ جان شهيد، نشان حيدر کي سندس بي مثال جرئت، بهادري ۽ وطن سان وفا تي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. عالم سڳورن وطن جي شهيدن، ملڪي سلامتي، استحڪام ۽ امن لاءِ خاص دعائون به ڪيون. ان موقعي تي عالم سڳورن چيو ته وطن جي محافظن جون قربانيون اسان جي آزادي، سلامتي ۽ امن جو بنياد آهن، شهيدن جي عظيم قرباني نئين نسل لاءِ حوصلي، ايثار ۽ حب الوطني جو روشن پيغام آهي، جيڪا قوم پنهنجي محسنن کي ياد رکي ٿي، اها هميشه مضبوط ۽ باوقار رهي ٿي. عالم سڳورن چيو ته الله تعاليٰ آڏو شهيدن جو مقام بلند آهي. حوالدار لالڪ جان شهيد وطن جي دفاع لاءِ بي مثال جرئت ۽ استقامت جو مظاهرو ڪيو، جنهن تي پوري قوم کي فخر آهي.











