وفاقي گهرو وزير پاران زيارت ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت، 15 دهشتگردن کي مارڻ تي پوليس فورس کي خراجِ تحسين

اسلام آباد- 07 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي زيارت جي علائقي ۾ ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن جي بزدلاڻي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي واقعي ۾ شهادت ماڻيندڙ 9 پوليس اهلڪارن کي زبردست خراجِ عقيدت پيش ڪيو. هن ڪارروائي دوران 15 ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن کي مارڻ تي پوليس فورس جي بهادري ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن کي زبردست لفظن ۾ ساراهيو. هڪ بيان ۾ گهرو وزير …

اسلام آباد- 07 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي زيارت جي علائقي ۾ ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن جي بزدلاڻي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي واقعي ۾ شهادت ماڻيندڙ 9 پوليس اهلڪارن کي زبردست خراجِ عقيدت پيش ڪيو. هن ڪارروائي دوران 15 ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن کي مارڻ تي پوليس فورس جي بهادري ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن کي زبردست لفظن ۾ ساراهيو. هڪ بيان ۾ گهرو وزير شهيدن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي سندن لاءِ صبر جي دُعا ڪئي. محسن نقوي چيو ته امن جي خاطر پنهنجون جانيون قربان ڪندڙ شهيد اسان جو قيمتي اثاثو آهن ۽ انهن جي لازوال قربانين کي ڪڏهن وساري نٿو سگهجي. هن چِٽن لفظن ۾ چيو ته دشمن ڌُريون اها ڳالهه ذهن ۾ رکن ته بزدلاڻن حملن سان امن ۽ امان کي نقصان نٿا پهچائي سگهن ۽ دهشتگرديءَ خلاف جنگ کي منتقي انجام تائين پهچايو ويندو. هن ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائڻ تي پوري پوليس ٽيم کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. محسن نقوي واضح ڪيو ته پاڪستاني قوم ۽ سيڪيورٽي فورسز ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن طرفان امن کي نقصان پهچائيندڙ هر سازش ۽ ناپاڪ ڪوشش کي ناڪام بنائڻ لاءِ پوريءَ طرح پُرعزم آهن.

مزید خبریں