اسلام آباد - 07 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي ڪابينا کي ترڪيه جي دوري تي اعتماد ۾ وٺندي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ لاڳاپا ۽ ڀائيچارو وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ٿيندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار اڱاري ڏينهن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم ڪابينا کي ٻڌايو ته هن تهران ۾ گذريل …
وزيراعظم وفاقي ڪابينا کي ترڪيه جي دوري تي اعتماد ۾ ورتو، اميد ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ لاڳاپا ۽ ڀائيچارو وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ٿيندو: محمد شهباز شريف
اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي ڪابينا کي ترڪيه جي دوري تي اعتماد ۾ وٺندي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ لاڳاپا ۽ ڀائيچارو وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ٿيندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار اڱاري ڏينهن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم ڪابينا کي ٻڌايو ته هن تهران ۾ گذريل جمعي ڏينهن شهيد سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي جي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪئي. پاڪستان حڪومت ۽ عوام پاران ايران سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. بعد ۾ هن وفاقي ڪابينا جي ڪجهه ميمبرن سان گڏ ترڪيه جو دورو ڪيو جتي بزنس ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. ترڪيه جي سيڙپڪارن جي وڏي انگ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي، انهن کي پاور سيڪٽر، ڊسڪوز جي نجڪاري، ٽرانسميشن لائينز جي لائن لاسز، مائنز اينڊ منرلز ۽ انرجي سيڪٽر تي پڻ پريزنٽيشنز ڏنيون ويون. ترڪ سيڙپڪارن سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته ترڪيه جي دوري دوران نمايان ڪاروباري گروپن سان ملاقاتون ڪيون. ترڪ ڪمپنين کي توانائي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، انفراسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. ترڪ ڪمپنين کي پاڪستان جي ترجيحي شعبن ۾ سيڙپڪاري جو دائرو وڌائڻ جي پڻ دعوت ڏني. پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ رابطن ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ اطراف وڏي محنت سان ڪم ڪيو جنهن جو ايندڙ وقت ۾ فائدو ٿيندو ۽ اسان جي گڏيل لاڳاپن ۽ ڀائيچاري کي پڻ فروغ ملندو. وزيراعظم ٻڌايو ته ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ملاقات جي لاءِ دعوت ڏني، ان سان ڳالهه ٻولهه تمام گهڻي ڪارائتي ۽ تعميري رهي، ايندڙ وقت ۾ اسان جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ۽ مضبوط ٿيندا. ان کان اڳ وزيراعظم اسلام آباد ۾ پاڪ فضائيه جي آفيسر گروپ ڪيپٽن عاصم طارق جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو جيڪو گذريل ڏينهن هڪ عورت جي حفاظت ڪندي شهيد ٿيو. هن دعا ڪئي ته الله تعالى شهيد جا درجا بلند فرمائي ۽ سندس گهرڀاتين کي صبر ۽ استقامت عطا فرمائي. وزيراعظم چيو ته جوابدار گرفتار ٿي چڪو آهي، ان کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سخت سزا ڏياري ويندي. وزيراعظم بلوچستان ۾ 15 خوارج کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ۽ فاتحه خواني ڪئي وئي.












