بشڪيڪ - 07 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اعلى سطح جي هڪ وفد سان گڏ پنهنجي ڪرغزستان جي سرڪاري دوري دوران اڱاري ڏينهن جمهوريه ڪرغزستان جي صدر سادير زاپاروف نور گوجوئيوچ سان ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر جو اهو دورو پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ پراڻي دوستي ۽ آزمايل لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو جيڪي گڏيل عقيدي، گڏيل تاريخ …
صدر آصف علي زرداري جي اعلى سطحي وفد سان گڏ ڪرغزستان جي صدر سان ملاقات، مفاهمت جي يادداشت ۽ گڏيل پڌرنامي تي صحيحُون
بشڪيڪ – 07 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اعلى سطح جي هڪ وفد سان گڏ پنهنجي ڪرغزستان جي سرڪاري دوري دوران اڱاري ڏينهن جمهوريه ڪرغزستان جي صدر سادير زاپاروف نور گوجوئيوچ سان ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر جو اهو دورو پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ پراڻي دوستي ۽ آزمايل لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو جيڪي گڏيل عقيدي، گڏيل تاريخ ۽ ثقافتي هم آهنگي تي ٻڌل آهن. ملاقات کان اڳ رخ اوردو ڪلچرل سينٽر ۾ صدر جي اعزاز ۾ سرڪاري آجياڻي واري تقريب منعقد ڪئي وئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هنن ٻطرفي تعاون جي سمورن شعبن جو جائزو ورتو ۽ واپار، توانائي، رابطا سازي، سياسي ۽ واپاري تعاون، ثقافت، تعليم، عوامي رابطن ۽ ڪاسا – 1000 منصوبي تي اڳڀرائي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي نئين موقعن تي غور ڪيو. ان موقعي تي اقتصادي، ثقافتي، بين الپارلياماني ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي صلاحيت کي پڻ اجاگر ڪيو ويو. صدر آصف علي زرداري ڊسمبر 2025ع ۾ ڪرغز صدر جي پاڪستان جي سرڪاري دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ ڪنهن به ڪرغز صدر جو اهو پاڪستان جو پهريون دورو هو جنهن ٻطرفي لاڳاپن ۾ نئين سگهه پيدا ڪئي ۽ ان جي نتيجي ۾ 16 معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿيون. هن چيو ته پاڪستان جي “ويزن سينٽرل ايشيا” پاليسي ۾ ڪرغزستان کي اهم مقام حاصل آهي. صدر آصف علي زرداري ڪرغز صدر کي 28 – 2027ع جي مدي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر جي طور تي ڪرغزستان جي تاريخي چونڊن تي مبارڪباد پڻ ڏني. صدر چيو ته پاڪستان گڏيل قومن، اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي)، اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او)، شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) ۽ ٻين گهڻ رخي فورمز تي جمهوريه ڪرغز سان ويجهو تعاون جاري رکڻ جو خواهشمند اهي. هن چيو ته علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي بابت گڏيل مفاهمت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پارلياماني، دفاعي، سيڪيورٽي ۽ اسٽريٽجڪ پاليسي جي شعبن ۾ مٽاسٽا جي آجيان ڪئي ويندي. ٻنهي اڳواڻن اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ڳالهه ٻولهه جي ذريعي امن، استحڪام ۽ ترقي جي فروغ جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان موقعي تي جمهوريه ڪرغز جي صحت واري وزارت ۽ پاڪستان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي (ڊريپ) جي وچ ۾ هڪ مفاهمتي يادداشت تي ڪرغز صحت واري وزير دامير بيڪ عثمانوف ۽ پاڪستان جي قومي صحت واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مختار ڀرٿ صحيحون ڪيون. بعد ۾ ٻنهي صدرن ان موقعي تي هڪ گڏيل پڌرنامي تي صحيحون پڻ ڪيون. ملاقات ۾ پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير طارق فضل چوڌري، قومي صحت وارو مملڪتي وزير ڊاڪٽر مختار ڀرٿ، سينيٽر سليم مانڊوي والا، ڊاڪٽر عاصم حسين، صدر جو ترجمان مرتضى سولنگي ۽ ڪرغزستان ۾ پاڪستان جو سفير پڻ موجود هئا. ملاقات کانپوءِ ڪرغز صدر پاران صدر جي اعزاز ۾ سرڪاري آجياڻو پڻ ڏنو ويو.












