وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان مذهبي، سياسي ۽ ادبي شخصيتن جُون جدا جدا ملاقاتون

اسلام آباد - 07 جولاءِ (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان اڱاري ڏينهن ايوان صدر ۾ مذهبي، سياسي ۽ ادبي شخصيتن جدا جدا ملاقاتون ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وقتي صدر سان ملاقات ڪندڙن ۾ دربار موهڙه شريف مري جو شهزاده مراد نذير، اڳوڻو صوبائي اسيمبلي ميمبر ميان جهانگير پيرزاده ڀٽه، فيصل سخي بٽ ۽ رائو وقاص شامل هئا. وقتي صدر …

اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان اڱاري ڏينهن ايوان صدر ۾ مذهبي، سياسي ۽ ادبي شخصيتن جدا جدا ملاقاتون ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وقتي صدر سان ملاقات ڪندڙن ۾ دربار موهڙه شريف مري جو شهزاده مراد نذير، اڳوڻو صوبائي اسيمبلي ميمبر ميان جهانگير پيرزاده ڀٽه، فيصل سخي بٽ ۽ رائو وقاص شامل هئا. وقتي صدر سان ناليواري شاعر رحمان فارس پڻ ملاقات ڪئي جنهن پنهنجون لکڻيون کيس پيش ڪيون. وقتي صدر سندس ادبي خدمتن کي ساراهيندي ان جي لاءِ وڌيڪ ڪاميابين جي خواهش جو اظهار ڪيو. ملاقاتن دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، ملڪ جي مجموعي صورتحال ۽ عوامي ڀلائي بابت مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وقتي صدر هن هفتي جي آخر ۾ رابطا عالم اسلامي جي سيڪريٽري جنرل شيخ ڊاڪٽر محمد العيسى جي پاڪستان جي متوقع دوري جو پڻ ذڪر ڪيو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته هي دورو ملڪ ۾ بين المذاهب هم آهنگي، ڀائيچاري ۽ گڏيل احترام جي فروغ جي ڪوششن کي وڌيڪ سگهه ڏيندو.