وزيراعظم پاران خيبرپختونخواهه جي ڏاکڻي ضلعن ۽ پوليو هاٽ اسپاٽس تي خاص ڌيان ڏيڻ جي هدايت

اسلام آباد - 07 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخواهه جي ڏاکڻي ضلعن ۽ پوليو هاٽ اسپاٽس تي خاص ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ملڪ مان پوليو جو خاتمو اهم قومي ترجيح آهي، سموريون ڌريون پوليو جي خاتمي جي لاءِ گڏيل ڪوششون وڌيڪ تيز ڪن. هن اهڙن خيالن جو اظهار پوليو نگراني بورڊ جي 7 رڪني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن اڱاري ڏينهن ساڻس …

اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخواهه جي ڏاکڻي ضلعن ۽ پوليو هاٽ اسپاٽس تي خاص ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ملڪ مان پوليو جو خاتمو اهم قومي ترجيح آهي، سموريون ڌريون پوليو جي خاتمي جي لاءِ گڏيل ڪوششون وڌيڪ تيز ڪن. هن اهڙن خيالن جو اظهار پوليو نگراني بورڊ جي 7 رڪني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن اڱاري ڏينهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفد ۾ روٽري جي پوليو اوورسائيٽ بورڊ جو سربراهه مائيڪ ميڪگور، گيٽس فائونڊيشن جي گلوبل ڊيولپمينٽ جو صدر ڪرس الائيس، ڊبليو ايڇ او جو ريجنل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر حنان بلخي، يونيسيف، گاوي ۽ پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي جي لاءِ تعاون جي ٻين حصيدارن جا نمائندا شامل هئا. وزيراعظم وفد جي آجيان ڪئي ۽ پوليو جي خاتمي جي لاءِ سمورن حصيدارن جا پاڪستان حڪومت سان تعاون تي ٿورا ادا ڪيا. هن چيو ته پاڪستان جي ٻارن جي مستقبل کي پوليو جهڙي موذي مرض کان بچائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم اجلاس ۾ پوليو کان پاڪ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پوليو جو خاتمو اهم قومي ترجيح آهي، سموريون ڌريون پوليو جي خاتمي جي لاءِ گڏيل ڪوششون وڌيڪ تيز ڪن. وزيراعظم ڏکڻ خيبرپختونخواهه جي پوليو هاٽ اسپاٽس تي خاص ڌيان ڏيڻ ۽ موثر حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن روٽري انٽرنيشنل، گيٽس فائونڊيشن، ڊبليو ايڇ او، يونيسيف، ڪنگ سلمان ريليف، سينٽر فار ڊيزيز ڪنٽرول اينڊ پريوينشن يو ايس اي ۽ سمورن حصيدارن جا پوليو جي خاتمي جي حوالي سان قدمن تي دل سان ٿورا ادا ڪيا. وزيراعظم چيو ته صحت وارو وزير، صحت وارو مملڪتي وزير، پوليو جي خاتمي بابت فوڪل، پوليو جي خاتمي ببات نيشنل ڪوآرڊينيٽر ۽ حڪومتي ٽيم جا سمورا ميمبر پوليو جي خاتمي لاءِ قدمن تي ساراهه جي لائق آهن. وفد پوليو فري پاڪستان جي لاءِ حڪومت جي موثر قدمن کي ساراهيندي نمايان اڳڀرائي تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفى ڪمال، وزيراعظم جي پوليو جي خاتمي بابت فوڪل پرسن سينيٽر عائشه رضا فاروق سميت لاڳاپيل اعلى عملدار پڻ موجُود هُئا.