اسلام آباد- 07 جولاءِ (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف فتنه الخوارج طرفان گروپ ڪيپٽن عاصم طارق جي شهادت تي ڪوڙي پروپيگنڊه تي سخت تنقيد ڪئي آهي ۽ کوکلي تشهير ۽ گمراهه ڪن دعويٰ فتنه الخوارج جي ڪريل حربن کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. اڱاري ڏينهن دفاع واري وزير ايڪس تي فتنه الخوارج جي دعويٰ کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو ته اسلام آباد ۾ …
دفاع واري وفاقي وزير پاران فتنه الخوارج طرفان گروپ ڪيپٽن عاصم طارق جي شهادت تي ڪوڙي پروپيگنڊه تي سخت تنقيد
اسلام آباد- 07 جولاءِ (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف فتنه الخوارج طرفان گروپ ڪيپٽن عاصم طارق جي شهادت تي ڪوڙي پروپيگنڊه تي سخت تنقيد ڪئي آهي ۽ کوکلي تشهير ۽ گمراهه ڪن دعويٰ فتنه الخوارج جي ڪريل حربن کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. اڱاري ڏينهن دفاع واري وزير ايڪس تي فتنه الخوارج جي دعويٰ کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو ته اسلام آباد ۾ گروپ ڪيپٽن عاصم طارق جي بي رحماڻي قتل جي ذميواري طالبان قبول ڪري رهيو آهي، فتنه الخوارج جو ڪو اعتبار ناهي. ائين نه ته هاڻي هو شايد پاڪستان ۾ چورين، ڌاڙن ۽ عام ڏوهن جو ڪريڊٽ به کڻڻ شروع ڪن. فتنه الخوارج جي دهشتگردن جو مقصد رڳو ڪريڊٽ کڻڻ آهي. حقيقت، اخلاقيات ۽ ذميواري سان کين ڪو تعلق ناهي.










