زيارت ۾ دهشتگردن جو پوليس چوڪي تي حملو، ايس ايڇ او سميت 09 پوليس اهلڪار شهيد، جوابي ڪارروائي ۾ 15 دهشتگرد جهنم حوالي

ڪوئيٽا- 07 جولاءِ (اي پي پي) بلوچستان جي زيارت جي علائقي ۾ اڻڄاتل هٿياربند دهشتگردن پوليس چوڪي تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 09 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن جڏهن ته سيڪورٽي فورسز جوابي ڪارروائي ڪئي جنهن ۾ 15 دهشتگردن کي جهنم حوالي ڪيو ويو. بلوچستان جي وڏي وزير جي خاص معاون شاهد رند مطابق زيارت جي علائقي مانگي ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ ايس ايڇ او مانگي …

ڪوئيٽا- 07 جولاءِ (اي پي پي) بلوچستان جي زيارت جي علائقي ۾ اڻڄاتل هٿياربند دهشتگردن پوليس چوڪي تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 09 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن جڏهن ته سيڪورٽي فورسز جوابي ڪارروائي ڪئي جنهن ۾ 15 دهشتگردن کي جهنم حوالي ڪيو ويو. بلوچستان جي وڏي وزير جي خاص معاون شاهد رند مطابق زيارت جي علائقي مانگي ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ ايس ايڇ او مانگي سميت 09 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن جڏهن ته ڊي ايس پي غلام سرور سميت 08 پوليس اهلڪار ڏکين پهاڙي علائقن جي رستي مان واپس ڪاچ ٿاڻي پهچي ويا. خاص معاون ٻڌايو ته سپاهي رضوان کي سرچ آپريشن دوران حفاظت سان بازياب ڪرايو ويو آهي. هن ٻڌايو ته واقعي بعد سيڪيورٽي فورسز علائقي ۾ فتنه الخوارج خلاف سرچ آپريشن دوران 15 دهشتگردن کي جهنم حوالي ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن جا لاش ڊي ايڇ ڪيو اسپتال زيارت منتقل ڪيا ويا آهن.