وفاقي وزير انجنيئر امير مقام پاران زيارت سانحي جي مذمت

گلگت- 07 جولاءِ (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران جي معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام زيارت ۾ دهشتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوري قوم پنهنجي سيڪورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. اڱاري ڏينهن پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير زيارت ۾ پوليس اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته شهيدن …

گلگت- 07 جولاءِ (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران جي معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام زيارت ۾ دهشتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوري قوم پنهنجي سيڪورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. اڱاري ڏينهن پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير زيارت ۾ پوليس اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته شهيدن جون قربانيون ڪڏهن به ضايع نه وينديون. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوري قوم پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي. وفاقي وزير شهيدن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو.