اسلام آباد- 07 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ جي برآمدات ۾ اضافي لاءِ ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن (ايس ايم ايز) کي قرضن جي فراهمي ۾ سهُولت فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ايس ايم ايز جي ترقي جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم ضروري آهن. سميڊا نوجوانن ۽ عورت ڪاروباري ماڻهن کي ننڍي ۽ وچولي …
وزيراعظم پاران ملڪ جي برآمدات ۾ اضافي لاءِ ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن (ايس ايم ايز) کي قرضن جي فراهمي ۾ سهُولت فراهم ڪرڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد- 07 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ جي برآمدات ۾ اضافي لاءِ ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن (ايس ايم ايز) کي قرضن جي فراهمي ۾ سهُولت فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ايس ايم ايز جي ترقي جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم ضروري آهن. سميڊا نوجوانن ۽ عورت ڪاروباري ماڻهن کي ننڍي ۽ وچولي درجي جُون صنعتُون لڳائڻ ۾ مدد فراهم ڪري. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، هن اهڙن خيالن جي اظهار اڱاري ڏينهن سميڊا جي حوالي سان اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، خاص مددگار هارون اختر ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، جڏهن ته چئني صوبن جي چيف سيڪريٽرن ۽ شعبي جي ماهرن وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي سميڊا طرفان ايس ايم ايز جي سهولت لاءِ مختلف قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايس ايم ايز جي صنعتن جي صلاحيت وڌائڻ خاص طور تي آبادگارن جي فصلن ۽ ميون جي پراسيسنگ جي لاءِ آگاهي ۽ قرض فراهم ڪرڻ جي حوالي سان سهُولت ڏني وڃي، ڪمرشل بينڪن جي ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن کي قرضن جي فراهمي جي حوالي سان خصوصي شين جي تياري جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي، ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن جي فزيبلٽي جي تياري ۽ ٻين مرحلن ۾ مدد فراهم ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته ايس ايم ايز جي ترقي جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم ضروري آهن، سميڊا نوجوان جن ۾ ڪاروباري عورتُون به شامل آهن انهن کي ننڍن ۽ وچولي درجي جي صنعتن لڳائڻ لاءِ مدد فراهم ڪري. وزيراعظم ايس ايم ايز جي قرضن تائين پهچ جي لاءِ اسٽيٽ بئنڪ ۽ ڪمرشل بئنڪن سان گڏجي هڪ جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي به هدايت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستاني ايس ايم ايز جي عالمي منڊين تائين پهچ ۽ برآمدات کي وڌائڻ لاءِ هلندڙ سال 700 ايس ايم ايز جي 16 پروگرامن ۾ شرڪت يقيني بڻائي وئي، ان سان گڏوگڏ 35 شهرن ۾ ايس ايم ايز کي مالي ضابطن ۽ ڪاروبار جي حوالي سان تربيت ڏني وئي. اجلاس ۾ سميڊا تحت مختلف قدمن تي پڻ روشني وڌي وئي.










