اسلام آباد- 07 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري زيارت ۾ پوليس چوڪي تي فتنه الخوارج جي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪندي واقعي ۾ پنهنجي جانين جو نذرانو ڏيندڙ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي بهادري ۽ فرض شناسي کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ موجب، صدر چيو ته بلوچستان ۾ امن ۽ استحڪام کي سبوتاز ڪرڻ جي هر سازش کي …
صدر پاران زيارت ۾ پوليس چوڪي تي فتنه الخوارج جي دهشتگرد حملي جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد- 07 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري زيارت ۾ پوليس چوڪي تي فتنه الخوارج جي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪندي واقعي ۾ پنهنجي جانين جو نذرانو ڏيندڙ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي بهادري ۽ فرض شناسي کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ موجب، صدر چيو ته بلوچستان ۾ امن ۽ استحڪام کي سبوتاز ڪرڻ جي هر سازش کي ناڪام بڻائينداسين، رياست دهشتگردي خلاف پوري طاقت سان ڪارروائي جاري رکندي. هن شهيدن جي درجن جي بلندي، زخمين جي جلد صحتيابي ۽ پوئنرن لاءِ صبر ۽ جميل جي دُعا ڪئي. صدر چيو ته امن امان جي قيام ۽ عوام جي تحفظ لاءِ سيڪيورٽي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون خدمتون پوري قوم لاءِ فخر جو سبب آهن.










