اسلام آباد- 07 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جي اعزاز ۾ ڪرغزستان جي شهر چولپون-آتا جي رخ اوردو ثقافتي ڪامپليڪس ۾ باضابطا آجياڻي جي تقريب منعقد ڪئي وئي. اڱاري ڏينهن ايوانِ صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب تقريب ۾ اچڻ تي ڪرغزستان جي صدر صادر زپاروف صدر جو استقبال ڪيو. آجياڻي واري تقريب دوران ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. ان موقعي تي …
صدر آصف علي زرداري جي اعزاز ۾ ڪرغزستان جي شهر چولپون-آتا جي رخ اوردو ثقافتي ڪامپليڪس ۾ باضابطا آجياڻي جي تقريب منعقد

مزید خبریں
اسلام آباد- 07 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جي اعزاز ۾ ڪرغزستان جي شهر چولپون-آتا جي رخ اوردو ثقافتي ڪامپليڪس ۾ باضابطا آجياڻي جي تقريب منعقد ڪئي وئي. اڱاري ڏينهن ايوانِ صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب تقريب ۾ اچڻ تي ڪرغزستان جي صدر صادر زپاروف صدر جو استقبال ڪيو. آجياڻي واري تقريب دوران ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري کي ڪرغزستان فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو، صدر گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو. تقريب دوران ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي سان پنهنجي وفدن جو تعارف ڪرايو.










