اسلام آباد- 07 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زيارت ۾فتنه الخوارج پاران پوليس چوڪي تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪندي شهيد ٿيندڙ ايس ايڇ اوزسميت پوليس اهلڪارن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ سندن خاندانن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وزيراعظم ڪليئرنس آپريشن ۾ سيڪيورٽي فورسز پاران …
وزيراعظم پاران زيارت ۾فتنه الخوارج پاران پوليس چوڪي تي دهشتگرد حملي جي مذمت، شهيد ٿيندڙ ايس ايڇ اوزسميت پوليس اهلڪارن کي خراجِ تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد- 07 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زيارت ۾فتنه الخوارج پاران پوليس چوڪي تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪندي شهيد ٿيندڙ ايس ايڇ اوزسميت پوليس اهلڪارن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ سندن خاندانن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وزيراعظم ڪليئرنس آپريشن ۾ سيڪيورٽي فورسز پاران ڪارروائي ۾ 15 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته ”فتنه الخوارج“ جي حملي هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اهي عناصر بلوچستان جي ترقي ۽ امن، توڙي عوام جي خوشحالي جا دشمن آهن. هن چيو ته شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون ۽ انهن جي خون جو حساب ورتو ويندو. وزيراعظم چيو ته ڪنهن کي به بلوچستان جي امن کي نقصان پهچائڻ نه ڏينداسين، امن دشمن دهشتگردن جي خاتمي تائين انهن خلاف جنگ جاري رکنداسين.










