نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس

اسلام آباد- 07 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار مختلف گهڻ طرفي قدمن ۾ پاڪستان جي جاري شمُوليت جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب اجلاس ۾ نائب وزيراعظم کي ايندڙ اعليٰ سطحي پروگرامن جي تيارين تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. هن گهڻ طرفي تعاون جي فروغ لاءِ پاڪستان جي مسلسل …

اسلام آباد- 07 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار مختلف گهڻ طرفي قدمن ۾ پاڪستان جي جاري شمُوليت جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب اجلاس ۾ نائب وزيراعظم کي ايندڙ اعليٰ سطحي پروگرامن جي تيارين تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. هن گهڻ طرفي تعاون جي فروغ لاءِ پاڪستان جي مسلسل عزم کي ورجائيندي مختلف عالمي فورمن تي ملڪ جي اصولي موقف جي حوالي سان ضروري هدايتون جاري ڪيون. اجلاس ۾ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ، اسپيشل سيڪريٽري (گڏيل قومُون)، ايڊيشنل سيڪريٽري (ايشيا-پئسفڪ)، ۽ پرڏيهي وزارت جي ٻين سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں