صدر آصف علي زرداري ڪرغزستان پهچي ويو، ڪرغز صدر سادير زاپاروف استقبال ڪيو

اسلام آباد - 06 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چولپان اتا ڪي اسي ڪال عالمي هوائي اڏي پهچي ويو. ڪرغز صدر سادير زاپاروف اسيڪ ڪول عالمي هوائي اڏي تي صدر جو استقبال ڪيو. صدر کي اسي ڪال عالمي هوائي اڏي تي اچڻ جي موقعي تي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي 1995ع جي …

اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چولپان اتا ڪي اسي ڪال عالمي هوائي اڏي پهچي ويو. ڪرغز صدر سادير زاپاروف اسيڪ ڪول عالمي هوائي اڏي تي صدر جو استقبال ڪيو. صدر کي اسي ڪال عالمي هوائي اڏي تي اچڻ جي موقعي تي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي 1995ع جي ڪرغزستان جي تاريخي دوري کانپوءِ صدر آصف علي زرداري ڪرغز جمهوريه جو دورو ڪندڙ پاڪستان جو پهريون صدر آهي. اهو دورو محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي ڪرغزستان جي تاريخي دوري کانپوءِ اعلى سطحي رابطن جي تسلسل جي اهم ڪڙيءَ آهي. دوري دوران صدر آصف علي زرداري ۽ ڪرغز صدر سادير زاپاروف ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل تعاون جي سمورن شعبن جو جائزو وٺندا. واپار، سيڙپڪاري، توانائي، معدنيات، زراعت، تعليم، صحت، سياحت، ڊيجيٽل معيشت ۽ عوامي رابطن جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ علائقائي رابطن جي فروغ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿيندي.

مزید خبریں