اسلام آباد - 06 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سومر ڏينهن شنگهائي تعاون تنظيم جي فالو اپ ڪميٽي جي چوٿين اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان جي ايندڙ ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ جي چيئرمين شپ (سيپٽمبر 2026ع کان 2027ع) ۽ 2027ع ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ ايس سي او سي ايڇ ايس سربراهي اجلاس جي تيارين …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي فالو اپ ڪميٽي جو اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سومر ڏينهن شنگهائي تعاون تنظيم جي فالو اپ ڪميٽي جي چوٿين اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان جي ايندڙ ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ جي چيئرمين شپ (سيپٽمبر 2026ع کان 2027ع) ۽ 2027ع ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ ايس سي او سي ايڇ ايس سربراهي اجلاس جي تيارين جو جائزو ورتو ويو. ذيلي ڪميٽين اجلاس کي سربراهي اجلاس جي لاءِ جڳهه، رهائش، سيڪيورٽي، مالي انتظامن، ميڊيا مئنيجمينٽ، ٽرانسپورٽ ۽ وفدن جي لاءِ لاجسٽڪس بابت اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير لاڳاپيل ذيلي ڪميٽين جي سربراهن کي هدايت ڪئي ته سموريون تياريون تيز رفتاري سان مڪمل ڪيون وڃن. هن ذيلي ڪميٽين جي چيئرمينز تي زور ڏنو ته اجلاس ۾ ڪيل فيصلن تي موثر انداز ۾ عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي. هن ان تقريب جي قومي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته سمورا لاڳاپيل ادارا ان کي هڪ قومي ذميواري سمجهندي پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏين. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، پرڏيهي، ڪابينا، دفاع ۽ گهرو معاملن وارن وفاقي سيڪريٽرين، چيف ڪمشنر اسلام آباد، انسپيڪٽر جنرل اسلام آباد پوليس ۽ لاڳاپيل ادارن جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.










