پ جي عوامي مينڊيٽ کي تسليم ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورائتا آهيون: بلاول ڀٽو زرداري

گلگت-06 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته گلگت بلتستان جي عوام ڊوگره راج کان آزادي حاصل ڪري پاڪستان سان الحاق ڪيو پر اڄ به مڪمل آئيني حقن جا منتظر آهن. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ايف سي آر جو خاتمو ڪيو، عوام کي سبسڊي ڏني، شهيد محترمه بينظير ڀٽو خطي ۾ سياسي عمل جو بنياد رکيو جڏهن ته صدر آصف علي زرداري …

گلگت-06 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته گلگت بلتستان جي عوام ڊوگره راج کان آزادي حاصل ڪري پاڪستان سان الحاق ڪيو پر اڄ به مڪمل آئيني حقن جا منتظر آهن. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ايف سي آر جو خاتمو ڪيو، عوام کي سبسڊي ڏني، شهيد محترمه بينظير ڀٽو خطي ۾ سياسي عمل جو بنياد رکيو جڏهن ته صدر آصف علي زرداري گلگت بلتستان کي انتظامي سُڃاڻپ ۽ اختيار ڏنا. گلگت بلتستان جي نئين چونڊيل وزيراعليٰ امجد حسين ايڊووڪيٽ جي حلف برداري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته پ پ چاهي ٿي ته گلگت بلتستان کي عارضي حيثيت سان مڪمل آئيني حق به حاصل هجن ۽ اهو ڏينهن جلد ايندو جڏهن گلگت بلتستان جا چونڊيل نمائندا قومي اسيمبليءَ ۾ ويهندا. هن چيو ته عوام پ پ جي حڪمراني، ملڪيتي حق ۽ روزگار جي منشور تي مينڊيٽ ڏنو آهي، ان لاءِ پارٽي رياست، وفاقي حڪومت ۽ سڀني سياسي پارٽين کي گلگت بلتستان جي آئيني حقن تي قائل ڪندي. هن چيو ته زمين جي ملڪيت جو حق هر صورت ۾ لاڳو ڪيو ويندو، عوام کي اجتماعي زراعت ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي معاشي فائدا پهچائينداسين جڏهن ته نوجوانن کي ميرٽ جي بنياد تي روزگار فراهم ڪنداسين. بلاول ڀٽو زرداري پ پ جي ڪارڪنن ۽ گلگت بلتستان جي عوام جو ٿورو مڃيندي چيو ته هو وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف جو پڻ شڪرگذار آهي جنهن پ پ جي عوامي مينڊيٽ کي تسليم ڪيو ۽ تعاون جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته پ پ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي فرق کان مٿانهون ٿي سڀني سياسي پارٽين سان گڏجي مسئلا حل ڪندي. هن آءِ پي پي، مجلس وحدت المسلمين ۽ پي ٽي آءِ جي حمايت يافته اميدوارن جو به ٿورو مڃيو ۽ چيو ته گلگت بلتستان ۾ سياست کي دشمنيءَ بدران گڏيل تعاون جو مثال بڻايو ويندو ۽ وزيراعليٰ سڀني شهرين سان بنا فرق جي سلوڪ ڪندو. هن چيو ته پ پ چاهي ٿي ته مڪاني چونڊون سردين کان اڳ ٿين. بلاول ڀٽو گلگت بلتستان جي اهميت جو ذڪر ڪندي سرحدن تي خدمتون انجام ڏيندڙ پاڪ فوج جي جوانن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جو عوام پنهنجي هٿياربند فوج تي فخر ڪري ٿو. ڀارت جي حوالي سان هن چيو ته پاڪستان، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير جو عوام ڀارتي جارحيت خلاف متحد آهي ۽ ڀارت جي هر سازش کي ناڪام بڻائينداسين. هن چيو ته ڀارت سنڌو درياهه کي پاڪستان خلاف هٿيار طور استعمال ڪرڻ چاهي ٿو پر پاڪستان سنڌ طاس معاهدي تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪندو ۽ مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جو نعرو پوري ملڪ جو آواز آهي. بلاول ڀٽو چيو ته آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ به پ پ جو منشور حق حڪمراني، حق ملڪيت ۽ حق روزگار هوندو، عوام کي اپيل ڪئي ته هو چونڊ عمل ۾ ڀرپور حصو وٺن ۽ چيو ته ڪاميابيءَ جي صورت ۾ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جو گڏيل آئيني ڪنوينشن منعقد ڪيو ويندو ته جيئن ٻنهي خطن کي وڌيڪ بااختيار بڻائي سگهجي. هن چيو ته هو گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي عوام جي نمائندن کي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ڏسڻ چاهي ٿو ۽ نه پناهگيرن جي حقن تي سمجهوتو ٿيندو ۽ نه ئي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي عوام جي حڪمرانيءَ واري حق تي، بلاول ڀٽو چيو ته آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان پاڪستان جي معيشت جا ڪوهنور آهن، هو پوري ملڪ جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا، جڏهن ته خطاب جي پڄاڻيءَ تي هن نعرو لڳايو پنجن صوبن جي زنجير بينظير بينظير.

مزید خبریں