پائيدار اقتصادي اؤسر کي يقيني بڻائڻ لاءِ سڌارن جي ايجنڊا تي مسلسل عملدرآمد جاري رکڻو پوندو: ناڻي وارو وفاقي وزير

اسلام آباد-06 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پائيدار اقتصادي اؤسر کي يقيني بڻائڻ لاءِ سڌارن جي ايجنڊا تي مسلسل عملدرآمد جاري رکڻو پوندو، بجيٽ ۾ ٽيڪس ۽ مالياتي شعبي بابت ڪيترائي اهم قدم متعارف ڪرايا ويا آهن. اهڙو اظهار هن سومر تي ڪراچيءَ جي دؤري دوران پاڪستان بزنس ڪائونسل جي ميمبرن سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي …

اسلام آباد-06 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پائيدار اقتصادي اؤسر کي يقيني بڻائڻ لاءِ سڌارن جي ايجنڊا تي مسلسل عملدرآمد جاري رکڻو پوندو، بجيٽ ۾ ٽيڪس ۽ مالياتي شعبي بابت ڪيترائي اهم قدم متعارف ڪرايا ويا آهن. اهڙو اظهار هن سومر تي ڪراچيءَ جي دؤري دوران پاڪستان بزنس ڪائونسل جي ميمبرن سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي معاشي صورتحال، حڪومت جي سڌارن جي ايجنڊا ۽ اقتصادي ترجيحن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ناڻي واري وزير پاڪستان بزنس ڪائونسل جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته هي ادارو ملڪ جي ناليوارين ڪاروباري شخصيتن ۽ صنعتڪارن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. حڪومت ۽ نجي شعبي وچ ۾ اهم معاشي ۽ پاليسي معاملن تي تعميري ڳالهين کي هٿي ڏيڻ ۾ ڪائونسل جون مسلسل خدمتون به ساراهه جوڳيون آهن. سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته عالمي معيشت توقع کان وڌيڪ لچڪ ۽ استحڪام جو مظاهرو ڪيو آهي، اهي ملڪ جيڪي ڍانچه جاتي سڌارن جي عمل تي ثابت قدم رهيا، معاشي استحڪام برقرار رکڻ ۽ پائيدار اقتصادي ترقي حاصل ڪرڻ ۾ نسبتن وڌيڪ ڪامياب رهيا آهن. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان کي به معاشي استحڪام کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ، چٽاڀيٽي واري صلاحيت ۾ واڌ ڪرڻ ۽ پائيدار اقتصادي اؤسر کي يقيني بنائڻ لاءِ پنهنجي سڌارن جي ايجنڊا تي مسلسل عملدرآمد جاري رکڻو پوندو. وفاقي بجيٽ جي تياريءَ جي حوالي سان حڪومت جي طريقيڪار تي روشني وجهندي هن چيو ته هي اجلاس هاڻوڪي بجيٽ جو جائزو وٺڻ لاءِ نه پر آئينده وفاقي بجيٽ لاءِ مشاورتي عمل جي شروعات آهي. حڪومت هن سال بجيٽ سازيءَ جو عمل معمول کان ڪافي پهرين شروع ڪري ڇڏيو هو، جنهن سان مالياتي منصوبا بنديءَ کي وڌيڪ منظم، جامع ۽ مشاورتي انداز ۾ اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ملي. وفاقي وزير چيو ته جاري مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ روانگي واپار ڪندڙن جي مالي وسيلن تائين رسائي بهتر بڻائڻ ۽ روانگي واپار تي ٻَڌل پائيدار اقتصادي اؤسر جي حڪومتي ويزن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٽيڪس ۽ مالياتي شعبي بابت ڪيترائي اهم قدم متعارف ڪرايا ويا آهن. ناڻي واري وزير پاليسين ۾ تسلسل جي اهميت تي زور ڀريندي حڪومت جي وچين مُدي جي ٽيڪس حڪمت عمليءَ تي عملدرآمد جي عزم کي ورجايو ۽ چيو ته هڪ مستحڪم، واضح ٽيڪس پاليسي ڪاروباري برادري جي اعتماد ۾ واڌ، سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ ۽ ڊگهي مُدي جي معاشي منصوبا بنديءَ لاءِ اڻٽر آهي. ملاقات دوران پاڪستان بزنس ڪائونسل جي نمائندن ملڪ جي ڪاروباري برادري جي نمائندا تنظيم طور ڪائونسل جي ڪردار تي روشني وڌي ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته روانگي واپار تي ٻَڌل اقتصادي ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومت ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ روانگي واپار ڪندڙن وچ ۾ مسلسل رابطي ۽ مؤثر مشاورت جو عمل جاري رهڻ گهرجي. ناڻي واري وزير حڪومت طرفان ڍانچه جاتي سڌارن جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ، پاليسين ۾ تسلسل برقرار رکڻ ۽ سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ سازگار ڪاروباري ماحول فراهم ڪرڻ جي حوالي سان ڀرپور قدمن جي عزم کي ورجايو.

مزید خبریں