لاهور-06 جولاءِ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن تحت پاڪستان ريلوي کي لاڀائتو ادارو بنائڻ لاءِ ڏينهن رات جاکوڙي رهيا آهيون، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 26-2025ع ۾ ريلوي 115 ارب رپيا روينيو پيدا ڪيو، ڪرپشن جو خاتمو پهرين ترجيح آهي، ڊجيٽائزيشن جو عمل ڪاميابيءَ سان جاري آهي، حادثن کان بچاءُ لاءِ ڪمزور عمارتن کي بحال ڪيو پيو …
وزيراعظم جي ويزن تحت پاڪستان ريلوي کي لاڀائتو ادارو بنائڻ لاءِ جاکوڙي رهيا آهيون، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ريلوي 115 ارب رپيا روينيو ڪمايو: حنيف عباسي

مزید خبریں
لاهور-06 جولاءِ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن تحت پاڪستان ريلوي کي لاڀائتو ادارو بنائڻ لاءِ ڏينهن رات جاکوڙي رهيا آهيون، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 26-2025ع ۾ ريلوي 115 ارب رپيا روينيو پيدا ڪيو، ڪرپشن جو خاتمو پهرين ترجيح آهي، ڊجيٽائزيشن جو عمل ڪاميابيءَ سان جاري آهي، حادثن کان بچاءُ لاءِ ڪمزور عمارتن کي بحال ڪيو پيو وڃي، پاور پلانٽس جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهيا آهيون، پاڪستان ريلويز چئن صوبن کي پاڻ ۾ جوڙيو آهي. اهڙو اظهار هن سومر تي ريلويز هيڊ ڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت ۽ ان جي ويزن تحت پاڪستان ريلوي کي لاڀائتو ادارو بنائڻ لاءِ ٺوس قدم ڪتب آندا پيا وڃن. پاڪستان ريلوي 78 سالن ۾ پهريون ڀيرو 115 ارب رپيا ڪمايا. وفاقي وزير چيو ته ريلوي مسافر ٽرينن ۾ 50.5 ارب رپيا فريٽ مان 41 ارب رپيا، پراپرٽي اينڊ لينڊ مان 12 ارب رپيا، ڪمرشل مان 2 ارب رپيا ۽ اسڪريپ مان 2 ارب رپيا ڪمايا آهن. ريلوي فريٽ ۾ گروٿ 27.78 سيڪڙو، مسافر ٽرينن ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 48 بدران 51 ارب رپيا ڪمايا آهن، گڊ گورننس سبب ريلوي انڪم ۾ لاڳيتو واڌ واقع ٿي آهي. سال 24-2023ع ۾ 88 ارب، سال 25-2024ع ۾ 92 ارب ۽ هاڻ سال 26-2025ع ۾ 115 ارب رپين جي آمدني حاصل ٿي آهي، ان سنگِ ميل کي حاصل ڪرڻ جي پُٺيان سمورا ريلوي ملازم ۽ آفيسرز شامل آهن جنهن تي مان کين خراجِ تحسين پيش ڪريان ٿو، هن سال فريٽ ٽرينن مان 65 ارب رپيا ۽ مسافر ٽرينن مان 60 ارب رپيا روينيو پيدا ڪرڻ جو هدف رکيو ويو آهي، جنهن کي حاصل ڪري وٺنداسين. حنيف عباسي چيو ته ڪرپشن جو خاتمو ۽ ريلوي کي واپاري آمدرفت لاءِ هڪ تيز قابل اعتماد ۽ سستو ذريعو بڻائڻ تي توجهه آهي، اسان جو بنيادي هدف اداره جاتي خساري کي گهٽ ڪرڻ ۽ ڊجيٽل ٽرانسفارميشن ذريعي نظام کي بهتر بڻائڻ آهي. ڊجيٽائزيشن جو پهريون فيز هلندڙ سال 30 جون تي مڪمل ڪيو ويو آهي، وزيراعظم جي هدايت تي ڊجيٽائزيشن جو ٻيو فيز 31 ڊسمبر تائين مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته ريلوي ۾ ميرٽ جي بنياد تي ٺيڪا ڏنا پيا وڃن، جنهن لاءِ اوپن واڪ ٿيندي آهي، ڪنهن به من پسند ماڻهوءَ کي ٺيڪو نه ڏنو ويو، بادامي باغ آڪشن ۾ 52 ملين بدران 450 ملين رپيا ڪمايا، ميرا سيلون پهرين ٽيڪسي وانگر استعمال ٿيندو رهيو، ان تان هٿ کنيو ويو، صرف هڪ ڀيرو ئي استعمال ڪيو، ريلوي جي هڪ فري ٽڪيٽ گهر جي هڪ ملازم کي به نه ڏني، هاڻ صرف ميرٽ جي بنياد تي ئي ڪم هوندا. حنيف عباسي چيو ته گذريل 9 مهينن کان لوڪوموٽيو جي مينٽيننس نه ڪئي وئي، پاور پلانٽس جي به کوٽ آهي، پاور پلانٽس بهتر ڪري رهيا آهيون، 30 سيپٽمبر تائين اهو مسئلو حل ڪري وٺنداسين، 16 پاور پلانٽس روينيو کان خريد ڪنداسين، جنهن لاءِ ٽينڊر ڪيو ويو آهي، 80 پاور پلانٽ 23 مارچ تائين ريلوي ۾ اچي ويندا، لوڪوموٽيو کي اوور هالنگ ڪرايو پيو وڃي، نئين پاور پلانٽس جي ڊيٽا جمع ڪري رهيا آهيون. حنيف عباسي چيو ته پرائيويٽ ڪيل 5 ٽرينن مان 3 ارب رپيا روينيو ڪمايو آهي، باقي ٽرينون به پرائيويٽ ڪري رهيا آهيون. عوام ايڪسپريس جا 3 ريڪ اچي چڪا آهن. هن چيو ته ايم ايل ون ٽو ٿري ريلوي جي بحاليءَ لاءِ اڻٽر آهي. ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ سان ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي، روهڙي جنڪشن کي نئين سر بڻائي رهيا آهيون. ايم ايل ون جو وزيراعظم جلد افتتاح ڪندو، ان منصوبي جي تڪميل سان روهڙي کان ڪراچيءَ جي سفر ۾ 5 ڪلاڪن جي گهٽتائي ٿيندي، ڄاڻايل منصوبن ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرز کي شامل ڪيو ويندو. هن چيو ته ريلوي چئن صوبن کي جوڙيو آهي، بنا فرق جي سمورن صوبن ۾ ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ويا، صوبن ۾ پهريون ڀيرو 8 برانچ روٽ بڻايا پيا وڃن ۽ اورينج ٽرين ٻهراڙين مان به گذرندي، پيپلز ٽرين لاءِ بلوچستان حڪومت فنڊز ڏنا آهن، سنڌ ۾ به 2 روٽس تي ڪم ڪرڻ لاءِ ايم او يو تي صحيحون ٿيڻ وڃي رهيون آهن. هن چيو ته ريلوي کي جديد رُخن تي اختيار ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن. ريلوي جي پي فنڊز 50 ڪروڙ رپين جي ادائگي ٿي وئي آهي. وفاقي حڪومت 63 ارب رپيا پينشن لاءِ ڏيندي آهي، جنهن کي ملازمن تي خرچ ڪيو ويندو آهي، ملازمن کي بنيادي سهولتن جي فراهمي پهرين ترجيح آهي، راولپنڊي ۾ گارڊ روم ريسٽ ايريا خوبصورت بڻايو آهي، خانيوال، ڪوٽڙي، روهڙي، لاهور پشاور ۾ به اسٽيٽ آف دي آرٽ گارڊ روم بڻائينداسين. حنيف عباسي چيو ته ڪاهنه جهڙن واقعن جو انتظار نه ڪنداسين، زبون حال ڪوارٽرز کي نئون بڻائي رهيا آهيون، اهڙيءَ طرح ريلوي جي اسڪولن ۾ بهترين تعليم ڏني پئي وڃي، ريلوي جي اسپتالن کي پرائيويٽائيز ڪري رهيا آهيون ته جيئن ملازمن کي بهتري طبي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي سگهجي.











