سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان اسد قيصر جي ملاقات

اسلام آباد-06 جولاءِ(اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر، سومر ڏينهن پارليامنٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي، ان موقعي تي سينيٽر دلاور خان به گڏ هو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مطابق ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن، مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جنهن ۾ صوابي ضلعي جي تماڪ جي صنعت سان لاڳاپيل معاملن تي خاص ڌيان ڏنو ويو. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف …

اسلام آباد-06 جولاءِ(اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر، سومر ڏينهن پارليامنٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي، ان موقعي تي سينيٽر دلاور خان به گڏ هو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مطابق ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن، مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جنهن ۾ صوابي ضلعي جي تماڪ جي صنعت سان لاڳاپيل معاملن تي خاص ڌيان ڏنو ويو. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني وفد کي خاطري ڪرائي ته ملاقات دوران اٿاريل مسئلن کي غور لاءِ سينيٽ جي ناڻي واري اسٽيڊنگ ڪميٽي جي حوالي ڪيو ويندو. هن چيو ته اهو خطو اعلي معيار جي تماڪ جي پيداوار جي حوالي سان شهرت رکي ٿو ۽ تماڪ جي آبادگارن کي درپيش مسئلن جي حل ۽ انهن جي معاشي مفادن جي تحفظ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي. وفد سينيٽ چيئرمين جو شڪريو ادا ڪندي آبادگار برادري جي مسئلن جي حل لاءِ هن جي سهڪار، حمايت ۽ سنجيده ڪوششن کي ساراهيو.

مزید خبریں