وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جو مراڪش ۾ پاڪستان مراڪ فاسفور ايس اي پلانٽ جو دؤرو، انتظاميه ۽ ڪارڪنن جي مهارت جي ساراهه

اسلام آباد-06 جولاءِ (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين سومر ڏينهن مراڪش جي جرف لاسفر ۾ موجود پاڪستان مراڪ فاسفور ايس اي (پي ايم پي) پلانٽ جو دؤرو ڪيو، جيڪو مراڪش جي او سي پي گروپ ۽ پاڪستان جي فوجي فائونڊيشن وچ ۾ هڪ اسٽريٽجڪ گڏيل منصوبو آهي، هي جديد ترين سهولت پاڪستان جي ڀاڻ جي صنعت لاءِ فاسفيٽ تي ٻَڌل خام …

اسلام آباد-06 جولاءِ (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين سومر ڏينهن مراڪش جي جرف لاسفر ۾ موجود پاڪستان مراڪ فاسفور ايس اي (پي ايم پي) پلانٽ جو دؤرو ڪيو، جيڪو مراڪش جي او سي پي گروپ ۽ پاڪستان جي فوجي فائونڊيشن وچ ۾ هڪ اسٽريٽجڪ گڏيل منصوبو آهي، هي جديد ترين سهولت پاڪستان جي ڀاڻ جي صنعت لاءِ فاسفيٽ تي ٻَڌل خام مال جي اعتماد جوڳي فراهميءَ کي يقيني بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. وزارت پاران جاري پڌرائيءَ موجب دؤري دوران وفاقي وزير کي پلانٽ جي باري ۾ جامع بريفنگ ڏني وئي. هن انتظاميه ۽ پورهيتن سان به ملاقات ڪئي ۽ انهن جي پيشيوراڻي مهارت ۽ اعليٰ آپريشنل معيار برقرار رکڻ جي عزم کي ساراهيو. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان مراڪ فاسفور منصوبو پاڪستان جي غذائي سلامتيءَ لاءِ انتهائي اسٽريٽجڪ اهميت رکي ٿو. هن چيو ته هي سهولت پاڪستان جي ڀاڻ جي شعبي لاءِ هڪ اهم خام مال جي قابل اعتماد ۽ بنا رڪاوٽ فراهميءَ کي يقيني بڻائي ٿو، جنهن سان ملڪ کي عالمي سپلاءِ چين ۾ رڪاوٽن ۽ مارڪيٽ جي لاهن چاڙهن کان محفوظ رکڻ ۾ مدد ملي ٿي. هن چيو ته پي ايم پي صرف هڪ صنعتي منصوبو ناهي پر پاڪستان ۽ مراڪش وچ ۾ جٽادار دوستي ۽ اسٽريٽجڪ حصيداريءَ جي علامت آهي. وفاقي وزير چيو ته ان تعاون گڏيل معاشي قدر پيدا ڪيا آهن، ٻنهي طرفن جي تعلقاتن کي مضبوط بڻايو آهي ۽ علائقائي ۽ عالمي غذائي سلامتيءَ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي. هن گڏيل منصوبي کي پاڪستان جون زرعي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ اهم سنگ ميل قرار ڏيندي وفاقي وزير زراعت، صنعت، واپار ۽ سيڙپڪاريءَ جي شعبن ۾ مراڪش سان تعاون کي وڌائڻ لاءِ حڪومت جي عزم کي ورجايو. رانا تنوير حسين پلانٽ انتظاميه کي هدايت ڪئي ته خام مال جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي وڃي ۽ـ مسلسل پيداوار لاءِ آپريشنل ڪارڪردگي برقرار رکي وڃي. هن چيو ته ڪنهن به اضافي پيداوار سان عالمي واپار ۽ معاشي تعاون جا نوان دروازا کُلي سگهن ٿا. منصوبي جي مجموعي ڪارڪردگي بهتر ٿي سگهي ٿي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري رابطا وڌيڪ مضبوط ٿي سگهن ٿا. رانا تنوير حسين چيو ته فاسفيٽ ۽ ڀاڻ جي شعبي ۾ پاڪستان- مراڪش حصيداري ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ زرعي ترقي، صنعتي اؤسر ۽ پائيدار غذائي سلامتيءَ جي گڏيل هدفن کي اڳتي وڌائيندي.