انصاف جي نظام کي جديد ٽيڪنالاجيءَ سان هم آهنگ ڪرڻ حڪومت جي ترجيح آهي: اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد-06 جولاءِ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته وفاقي سروس ٽربيول جي ڊجيٽل تبديليءَ سان عدالتي ڪاررواين ۾ دير گهٽ ٿيندي، انصاف جو نظام وڌيڪ شفاف، مؤثر ۽ شهري دوست بڻجندو. اهڙو اظهار هن سومر تي وفاقي سروس ٽربيول لاءِ اِي اپيل مئنجمينٽ سسٽم (اي اي ايم ايس)، پبلڪ انٽر فيس، مئنجمينٽ ڊيش بورڊ ۽ ڪيسن جي آن لائن …

اسلام آباد-06 جولاءِ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته وفاقي سروس ٽربيول جي ڊجيٽل تبديليءَ سان عدالتي ڪاررواين ۾ دير گهٽ ٿيندي، انصاف جو نظام وڌيڪ شفاف، مؤثر ۽ شهري دوست بڻجندو. اهڙو اظهار هن سومر تي وفاقي سروس ٽربيول لاءِ اِي اپيل مئنجمينٽ سسٽم (اي اي ايم ايس)، پبلڪ انٽر فيس، مئنجمينٽ ڊيش بورڊ ۽ ڪيسن جي آن لائن ٻُڌڻيءَ لاءِ وڊيو لنڪ سهولت جو افتتاح ڪندي ڪيو. هن چيو ته حڪومت انصاف جي فراهمي کي جديد ٽيڪنالاجيءَ سان هم آهنگ بنائڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته عدالتي نظام جي ڊجيٽلائزيشن حڪومت جي سڌارا جاتي ايجنڊا جو اهم حصو آهي جنهن جو مقصد عوام کي تيز، شفاف ۽ مؤثر انصاف جي فراهمي يقيني بنائڻ آهي. هن چيو ته وفاقي سروس ٽربيول ۾ جديد ڊجيٽل نظام لاڳو ڪرڻ سان سائلين، وڪيلن ۽ عدالتي عمل کي بهتر سهولتون ميسر اينديون ۽ ڪيسن جي انتظام ۾ نمايان بهتري ايندي. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي ڊولپمينٽ ونگ طرفان تيار ڪيل ويب سائٽ تي ٻَڌل اِي اپيل مئنجمينٽ سسٽم (اي اي ايم ايس) وفاقي سروس ٽربيول جي چيئرمين جسٽس (ر) روح الامين خان جي نگرانيءَ ۾ تيار ڪيو ويو جنهن کي اسلام آباد، لاهور، ڪراچي، پشاور ۽ ڪوئيٽه سميت ٽربيونل جي سمورن بينچن تي لاڳو ڪيو ويو آهي. ان نظام ذريعي اپيل داخل ڪرڻ کان وٺي فيصلي ٿيڻ تائين سمورا مرحلا هڪ مربوط ڊجيٽل پليٽ فارم تي انجام ڏنا ويندا. ان سان متعارف ڪرايل پبلڪ انٽرفيس ۽ مئنجمينٽ ڊيش بورڊ، سائلين، وڪيلن ۽ عدالتي عملي کي ڪيسن جي معلومات تائين فوري ۽ آسان رسائي فراهم ڪندو. وفاقي سروس ٽربيونل جي سمورن بينچن کي وڊيو لنڪ سان ڳنڍيو ويو آهي جنهن ذريعي مناسب ڪيسن جي آن لائن ٻُڌڻي ممڪن ٿيندي. قانون واري وزارت موجب ان قدمن سان سفري مشڪلاتن ۽ عدالتي دير ۾ گهٽتائي ايندي، جڏهن ته وقت ۽ سرڪاري وسيلن جو وڌيڪ مؤثر استعمال ممڪن ٿي سگهندو.