سنڌ طاس معاهدي تحت پاڪستان جا حق، تاريخي، قانوني ۽ ناقابل رد آهن: وفاقي وزير طارق فضل چوڌري

اسلام آباد - 06 جولاءِ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي، ته سنڌ طاس معاهدي تحت پاڪستان جا حق تاريخي، قانوني ۽ ناقابل رد آهن، پاڻي اسان جي شهه رڳ آهي، جيڪو عوام، زراعت ۽ ايندڙ نسلن جي مستقبل لاءِ اڻٽر آهي. سومر ڏينهن سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ان عالمي سطح تي …

اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي، ته سنڌ طاس معاهدي تحت پاڪستان جا حق تاريخي، قانوني ۽ ناقابل رد آهن، پاڻي اسان جي شهه رڳ آهي، جيڪو عوام، زراعت ۽ ايندڙ نسلن جي مستقبل لاءِ اڻٽر آهي. سومر ڏينهن سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ان عالمي سطح تي مڃيل معاهدي کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪا به هڪ طرفي ڪوشش ايتري آسان آهي ۽ نه ئي قبولڻ جوڳي، جيتري ڀارت سمجهي رهيو آهي. عالمي معاهدن ۽ ذميوارين کي هڪ طرفن فيصلن يا سياسي ارادن جي بنياد تي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي جائز آبي حق جي تحفظ لاءِ پرعزم ۽ مڪمل صلاحيت رکي ٿو جڏهن ته انصاف، تعاون ۽ عالمي اصول ون واٽر  ون ويزن جي پاسداري جاري رکندو.