اسلام آباد-06 جولاءِ(اي پي پي) ملڪ ۾ دالين جي قيمت ۾ جون مهيني دوران ماهوار بنيادن تي گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي. قومي شماريات اداري طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق جون 2026ع ۾ ملڪ ۾ دالين جي مختلف قسمن جي قيمتن ۾ عمومي طور گهٽتائي جو رجحان ڏسڻ ۾ آيو آهي. جون ۾ دال مسور جي في ڪلو گرام جي سراسري قميت 258.81 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جيڪا مئي جي …
ملڪ ۾ دالين جي قيمت ۾ جون مهيني دوران ماهوار بنيادن تي گهٽتائي رڪارڊ
اسلام آباد-06 جولاءِ(اي پي پي) ملڪ ۾ دالين جي قيمت ۾ جون مهيني دوران ماهوار بنيادن تي گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي. قومي شماريات اداري طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق جون 2026ع ۾ ملڪ ۾ دالين جي مختلف قسمن جي قيمتن ۾ عمومي طور گهٽتائي جو رجحان ڏسڻ ۾ آيو آهي. جون ۾ دال مسور جي في ڪلو گرام جي سراسري قميت 258.81 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جيڪا مئي جي 258.88 رپين جي ڀيٽ ۾ 0.03 سيڪڙو گهٽ ۽ گذريل سال جي جون مهيني جي 294.94 رپين جي ڀيٽ ۾ 12.25 سيڪڙو گهٽ آهي. جون 2026ع ۾ في ڪلو دال منگ جي قميت 384.47 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا مئي جي 389.73 رپين جي ڀيٽ ۾ 1.35 سيڪڙو گهٽ ۽ گذريل سال جون جي 404.05 رپين جي ڀيٽ ۾ 4.85 سيڪڙو گهٽ آهي. انگن اکرن مطابق جون 2026ع ۾ دال ماش جي في ڪلو گرام قيمت 461.62 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جيڪا مئي جي 466.54 رپين جي ڀيٽ ۾ 1.05 سيڪڙو گهٽ ۽ گذريل سال جون جي 467.39 رپين جي ڀيٽ ۾ 0.92 سيڪڙو وڌيڪ آهي. انگن اکرن مطابق جون 2026ع ۾ دال چڻا جي في ڪلو گرام قيمت 245.61 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جيڪا مئي جي 247.57 رپين جي ڀيٽ ۾ 0.79 سيڪڙو گهٽ ۽ گذريل سال جون جي 316.50 رپين جي ڀيٽ ۾ 22.40 سيڪڙو گهٽ آهي.












