اسلام آباد- 06 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر ڏينھن ڪاروباري هفتي جي شروعات تي تيزي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 2082.49 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 187454.69 پوائنٽس تي بند ٿيو جيڪو هڪ نئون رڪارڊ آهي. مجموعي طور تي 564 ڪمپينن جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 296 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 182 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 86 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو، مارڪيٽ ۾ …
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي شروعات تي تيزي جو رجحان، 100 انڊيڪس 2082.49 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 187454.69 پوائنٽس تي بند
اسلام آباد- 06 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر ڏينھن ڪاروباري هفتي جي شروعات تي تيزي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 2082.49 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 187454.69 پوائنٽس تي بند ٿيو جيڪو هڪ نئون رڪارڊ آهي. مجموعي طور تي 564 ڪمپينن جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 296 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 182 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 86 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو، مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 888.40 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن جي ماليت 49.98 ارب رپيا هئي. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 752.92 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 56130.40 پوائنٽس ۽ اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 3102.82 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 265688.76 پوائنٽس تي بند ٿيو. فيوچر ٽريڊنگ تحت 9.27 ارب رپين جا سودا طئي ٿيا. مارڪيٽ ڪيپٽلائزيشن جو ڳاڻيٽو 1.1 سيڪڙو جي اضافي کانپوءِ 75.5 ارب ڊالر تائين پهچي ويو. اقتصادي ماهرن مطابق نئين ڪاروباري هفتي جي شروعات اهڙي ڀرپور انداز ۾ ٿي آهي. سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ مسلسل بهتري ڏسڻ ۾ آئي، جڏهن ته بينڪنگ، سيمينٽ، توانائي ۽ ٻين اهم شعبن ۾ وڏي پيماني تي خريداري سبب مارڪيٽ جي تيزي برقرار رهي. هفتي جي پهرين ئي ڏينهن مارڪيٽ جي اها مضبوط ڪارڪردگي ان ڳالهه جو عڪاس آهي ته سيڙپڪارن جو اعتماد لاڳيتو برقرار آهي ۽ مارڪيٽ ۾ هاڪاري رجحان مضبوط بنيادن تي قائم آهي وڏن مالياتي ادارن جي جارحاڻي خريداري مارڪيٽ ۾ تيزي جو رجحان کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس پنهنجي رڪارڊ ساز اڳڀرائي جاري رکي. حبيب بئنڪ، ميزان بئنڪ، نيشنل بئنڪ، لڪي سيمينٽ ۽ ماڙي انرجيز جي شيئرز، انڊيڪس ۾ اضافي ۾ سڀ کان نمايان ڪردار ادا ڪيو جنهن سبب مجموعي طور تي انڊيڪس ۾ 827 پوائنٽس جو اضافو ٿيو. ڳاڻيٽي جي اعتبار سان ٽي پي ايل پراپرٽيز سرفهرست رهيو جنهن جي 6 ڪروڙ 60 لک کان وڌيڪ شيئرز جو ڪاروبار ٿيو.












