اسلام آباد - 06 جولاءِ (اي پي پي) عالمي مارڪيٽن ۾ ڪاروباري هفتي جي شروعات تي ڪچي تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي ۽ جنسن جي اگهن ۾ اضافي جو رجحان رهيو. بلوم برگ جي رپورٽ موجب سومر تي آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽر ميڊيٽ جا سودا 0.60 ڊالر گهٽتائي کان پوءِ 68.09 ڊالر ۽ برينٽ ڪچي تيل جا سودا 0.71 ڊالر جي گهٽتائي کان پوءِ 71.41 ڊالر في بيرل ۾ طي …
عالمي مارڪيٽ ۾ ڪاروباري هفتي جي شروعات تي ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) عالمي مارڪيٽن ۾ ڪاروباري هفتي جي شروعات تي ڪچي تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي ۽ جنسن جي اگهن ۾ اضافي جو رجحان رهيو. بلوم برگ جي رپورٽ موجب سومر تي آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽر ميڊيٽ جا سودا 0.60 ڊالر گهٽتائي کان پوءِ 68.09 ڊالر ۽ برينٽ ڪچي تيل جا سودا 0.71 ڊالر جي گهٽتائي کان پوءِ 71.41 ڊالر في بيرل ۾ طي ٿيا. مختلف بينچ مارڪس تحت برينٽ ڪچي تيل جا سودا 1.49 ڊالر کان وٺي 72.45 ڊالر ۾ طئي ٿيا. سون جي قيمت 22.37 ڊالر گهٽتائي کان پوءِ 4154.57 ڊالر في اونس ۽ چاندي جي قيمت 1.48 ڊالر اضافي سان 62.54 ڊالر في اونس ٿي. مڪئي جي قيمت 11.25 ڊالر اضافي کان پوءِ 452.75 ڊالر في بشل ۽ ڪڻڪ 8.25 ڊالرن جي واڌ بعد 608 ڊالر في بشل ٿي وئي.










