اسلام آباد - 05 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان چيو آهي، ته جمهوريت جي بحالي لاءِ ڪارڪنن ڪيل تشدد ۽ سختيون برداشت ڪيون پر قائد عوام جي نظرئي تان هٿ نه کنيو، قوم کي ماضي مان سبق سکي جمهوريت، آئين جي بالادستي ۽ عوامي فيصلن جو هر قيمت تي تحفظ ڪرڻو پوندو. پي پي پي ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب سينيٽر …
پارٽي ڪارڪنن جمهوريت جي بحالي لاءِ ڪيل تشدد ۽ سختيون برداشت ڪيون: شيري رحمان

مزید خبریں
اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان چيو آهي، ته جمهوريت جي بحالي لاءِ ڪارڪنن ڪيل تشدد ۽ سختيون برداشت ڪيون پر قائد عوام جي نظرئي تان هٿ نه کنيو، قوم کي ماضي مان سبق سکي جمهوريت، آئين جي بالادستي ۽ عوامي فيصلن جو هر قيمت تي تحفظ ڪرڻو پوندو. پي پي پي ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب سينيٽر شيري رحمان 5 جولاءِ 1977ع جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي، ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو خلاف ڪيل غيرقانوني قدمن ۽ عوام جي حقن خلاف جمهوريت ۽ مستقبل تي حملو هو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مشن کي هر حالت ۾ ثابت قدمي سان اڳيان وڌايو. هن جيلون ڪٽيون ۽ آمريت جو ڄمي مقابلو ڪيو. هن چيو ته قائد عوام جي جمهوري ويزن ۽ عوامي سياست کي دٻائڻ جي هر ڪوشش ناڪام ٿي، ان جو نذريو اڄ به عوام جي رهنمائي ڪري رهيو آهي. جمهوريت جي بحالي لاءِ ڪارڪنن قيد، تشدد ۽ سختيون برداشت ڪيون پر قائد عوام جي نظرئي تان هٿ نه کنيو. 5 جولاءِ ملڪي تاريخ جو هڪ اهڙو ڪارو باب آهي جنهن آئين، پارليامينٽ ۽ عوامي مينڊيٽ کي نقصان پهچايو. شيري رحمان چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ جمهوريت لاءِ قربانيون ڏيندڙن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو آئين جو احترام يقيني بڻائڻ آهي. هن چيو ته قوم کي ماضي مان سبق سکي آئين جي بالادستي ۽ عوامي فيصلن جو هر قيمت تي تحفظ ڪرڻو پوندو.









