اسلام آباد - 05 جولاءِ (اي پي پي) چين ۾ پاڪستان جي سفير خليل هاشمي ڪاشغر ۾ اين ايل سي جي لاجسٽڪس مرڪز جو دورو ڪيو، ان موقعي تي کيس اين ايل سي جي سرحد پار لاجسٽڪس سرگرمين ۽ سهولتن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. تفصيل موجب ڪاشغر ۽ تاشڪرگن ۾ اين ايل سي جي قائم ڪيل سهولتون پاڪ چين واپار لاءِ اهم حيثيت رکن ٿيون. اين ايل سي جي …
پاڪستاني سفير خليل هاشمي جو ڪاشغر ۾ اين ايل سي جي لاجسٽڪس مرڪز جو دورو

مزید خبریں
اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) چين ۾ پاڪستان جي سفير خليل هاشمي ڪاشغر ۾ اين ايل سي جي لاجسٽڪس مرڪز جو دورو ڪيو، ان موقعي تي کيس اين ايل سي جي سرحد پار لاجسٽڪس سرگرمين ۽ سهولتن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. تفصيل موجب ڪاشغر ۽ تاشڪرگن ۾ اين ايل سي جي قائم ڪيل سهولتون پاڪ چين واپار لاءِ اهم حيثيت رکن ٿيون. اين ايل سي جي مرڪز چين، وچ ايشيائي ملڪن قازقستان، ڪرغزستان، تاجڪستان، ازبڪستان ۽ عالمي مارڪيٽن تائين سامان جي بنا رڪاوٽ رسد ۾ مدد گار آهن. سي پيڪ جي ڪاميابي ۾ اين ايل سي جو موثر ۽ اهم ڪردار جاري آهي. اين ايل سي چين مان 100 سيڪڙو ملڪيتي لاجسٽڪس ڪمپني به قائم ڪري رکي آهي. اين ايل سي جون جديد گاڏيون پاڪ چين واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مصروف عمل آهي. اين ايل سي جون خدمتون پاڪستان ۽ چين وچ ۾ وڌندڙ واپاري رابطن کي نئون رخ ڏئي رهيون آهن. ان موقعي تي چين ۾ پاڪستان جي سفير خليل هاشمي چيو ته پاڪ چين واپار ۽ رابطن کي هٿي ڏيڻ ۾ اين ايل سي جو ڪردار تعريف جوڳو آهي.











