اسلام آباد - 05 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي صدر ايم بي سومرو جي سس جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي مرحومه جي مغفرت، درجن جي بلندي ۽ پونئرن، خاص ڪري ايم بي سومرو لاءِ صبر جي دعا ڪئي. آچر تي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته مرحومه جو دنيا …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران پي آر اي جي صدر ايم بي سومرو جي سس جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي صدر ايم بي سومرو جي سس جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي مرحومه جي مغفرت، درجن جي بلندي ۽ پونئرن، خاص ڪري ايم بي سومرو لاءِ صبر جي دعا ڪئي. آچر تي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته مرحومه جو دنيا مان رخصت ٿيڻ ايم بي سومرو جي خاندان لاءِ هڪ ناقابل تلافي نقصان آهي. هن چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ هو ايم بي سومرو ۽ سندس خاندان سان غم ۾ برابر جو شريڪ آهي. اسپيڪر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جوار رحمت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽پونئرن کي اهو صدمو صبر ۽ استقامت سان برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.











