اسلام آباد - 05 جولاءِ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد (نشان حيدر) جي 27 هين يوم شهادت تي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. آچر تي ريلوي واري وزارت پاران جاري بيان موجب هن چيو ته قوم پنهنجي شهيدن جي قربانين کي هميشه عزت ۽ احترام سان ياد رکندي. محمد حنيف عباسي چيو ته ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد جي …
ريلوي وفاقي وزير پاران ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد کي خراج عقيدت پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد (نشان حيدر) جي 27 هين يوم شهادت تي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. آچر تي ريلوي واري وزارت پاران جاري بيان موجب هن چيو ته قوم پنهنجي شهيدن جي قربانين کي هميشه عزت ۽ احترام سان ياد رکندي. محمد حنيف عباسي چيو ته ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد جي بي مثال جرئت، استقامت ۽ وطن سان پختي وفاداري نئين نسل لاءِ مشعل راهه آهي. اهڙن بهادر ۽ دلير جوانن جي قربانين عيوض اسان جو ملڪ محفوظ آهي. وفاقي وزير چيو ته ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد جي عظيم قرباني هميشه قوم لاءِ حوصلي، عزم ۽ حب الوطني جو روشن مثال بڻي رهندي. هن چيو ته پوري قوم پنهنجي هٿياربند فوج ۽ شهيدن جي لازوال قربانين تي فخر ڪري ٿي. وطن عزيز جي دفاع لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪندڙ هر سپوت کي سلام پيش ڪري ٿي.











