ڪارگل ويڙهه جي بهادر هيرو ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد کي پوري قوم خراج عقيدت پيش ڪري ٿي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

اسلام آباد - 05 جولاءِ (اي پي پي) پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير طارق فضل چوڌري چيو آهي، ته قوم جي عظيم سپوت، ڪارگل ويڙهه جي بهادر هيرو ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد (نشان حيدر) جي 27هين يوم شهادت تي پوري قوم کيس خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. آچر تي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد جي …

اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير طارق فضل چوڌري چيو آهي، ته قوم جي عظيم سپوت، ڪارگل ويڙهه جي بهادر هيرو ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد (نشان حيدر) جي 27هين يوم شهادت تي پوري قوم کيس خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. آچر تي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد جي بي مثال جرئت، پختي عزم ۽ مادر وطن سان لازوال محبت اسان جي عسڪري تاريخ جو هڪ روشن ۽ فخر جوڳو باب آهي. هن انتهائي ڏکين حالتن ۾ دشمن جو بهادري سان مقابلو ڪندي پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو ۽ ثابت ڪيو ته وطن جي حفاظت کان وڌيڪ ڪو به فرض ناهي. هن چيو ته اسان جي شهيدن جون قربانيون پاڪستان جي سلامتي، وقار ۽ خودمختياري جو مضبوط بنياد آهن. ان عظيم سپوتن جو رت قوم لاءِ حوصلي، اتحاد ۽ قرباني جو پيغام آهي. طارق فضل چوڌري چيو ته پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿي سگهي ۽ وطن عزيز جي دفاع ۽ ترقي لاءِ هميشه گڏ ۽ پرعزم رهندي. ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد  اوهان جي بهادري کي سلام، قوم کي اوهان تي هميشه  فخر رهندو.

مزید خبریں