سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين پاران ايم بي سومرو جي سس جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

اسلام آباد - 05 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي صدر ايم بي سومرو جي سس جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ غم جو اظهار ڪيو آهي. آچر تي سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين  چيو ته ڏک ۽ آزمائش جي ان گهڙي ۾ سندس سموريون همدرديون ايم بي سومرو ۽ ان جي …

اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي صدر ايم بي سومرو جي سس جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ غم جو اظهار ڪيو آهي. آچر تي سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين  چيو ته ڏک ۽ آزمائش جي ان گهڙي ۾ سندس سموريون همدرديون ايم بي سومرو ۽ ان جي خاندان سان آهن. هن چيو ته والدين ۽ بزرگ خاندان لاءِ الله تعاليٰ جي عظيم نعمت هوندا آهن ۽ انهن جي جدائي هڪ اهڙو صدمو آهي جنهن جو خال ڪڏهن ڀرجي نٿو سگهجي. هن مرحومه جي درجن جي بلندي ۽ مغفرت لاءِ خاص دعا ڪندي چيو ته الله تعاليٰ کيس پنهنجي بي پناهه رحمت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

مزید خبریں