اسلام آباد-03 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيه سامونڊي معاملن ۽ ٽرانسپورٽ جي شعبن ۾ ٻه طرفي تعاون کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪندي اقتصادي رابطن جي استحڪام، جديد انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ پائيدار معاشي اؤسر لاءِ گڏيل عزم کي ورجايو آهي. وزارت مان جاري بيان موجب جمعي تي اها اتفاق راءِ استنبول ۾ سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري ۽ ترڪيه جي ٽرانسپورٽ انفراسٽرڪچر واري …
پاڪستان ۽ ترڪيه جو سامونڊي معاملن ۽ ٽرانسپورٽ جي شعبن ۾ ٻه طرفي تعاون کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق
اسلام آباد-03 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيه سامونڊي معاملن ۽ ٽرانسپورٽ جي شعبن ۾ ٻه طرفي تعاون کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪندي اقتصادي رابطن جي استحڪام، جديد انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ پائيدار معاشي اؤسر لاءِ گڏيل عزم کي ورجايو آهي. وزارت مان جاري بيان موجب جمعي تي اها اتفاق راءِ استنبول ۾ سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري ۽ ترڪيه جي ٽرانسپورٽ انفراسٽرڪچر واري وزير عبدالقادر اورال اوغلو وچ ۾ ملاقات ۾ طئي ٿيو. ملاقات دوران ٻنهي وزيرن پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ جاري تعاون جو جائزو ورتو ۽ سامونڊي معاملن، ٽرانسپورٽ انفراسٽرڪچر ۽ لاجسٽڪس جي شعبن ۾ ڀائيواريءَ کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي مختلف پاسن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻڻ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ويجهي تعاون سان ڀائر ملڪن وچ ۾ اقتصادي ناتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي ٿو. ٻنهي ملڪن سامونڊي انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ جديد ٽرانسپورٽ نظام کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪوششون تيز ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو. وزيرن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته مضبوط سامونڊي ۽ ٽرانسپورٽ نيٽ ورڪ نه صرف واپار جي تعاون ۾ مددگار ثابت ٿيندا پر علائقائي رابطن کي مستحڪم ڪرڻ ۽ ڊگهي مُدي جي معاشي ترقيءَ جي راهه هموار ڪرڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندا. ملاقات ۾ پائيدار ترقيءَ جي موقعن، سامونڊي ۽ ٽرانسپورٽ جي شعبن ۾ گڏيل سيڙپڪاريءَ جي امڪانن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ڌُرين ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته تعاون کي هٿي ڏيڻ سان پاڪستان ۽ ترڪيه جي پُراڻي حصيداري وڌيڪ مستحڪم ٿيندي ۽ خطي ۾ اقتصادي خوشحاليءَ کي هٿي ملندي.










