وزيراعظم پاران ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان جي دعوت تي ايران جي شهيد سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي جي جنازي ۾ شرڪت

تهران - 03 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان جي دعوت تي ايران جي شهيد سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي جي جنازي ۾ شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، وفاقي گهرو وزير سيد محسن نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي …

تهران – 03 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان جي دعوت تي ايران جي شهيد سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي جي جنازي ۾ شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، وفاقي گهرو وزير سيد محسن نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻيا اعلى حڪومتي عملدار پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.

ايران جي سپريم ليڊر 28 فيبروري 2026ع تي ايران تي ٿيندڙ حملن دوران شهادت ماڻي هئي. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اسلام آباد جي لاءِ شهيد سپريم ليڊر جي عظيم خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته هن ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين غيرمعمولي بصيرت، حڪمت ۽ دورانديشي سان ايراني قوم جي رهنمائي ڪئي. وزيراعظم سپريم ليڊر، آيت الله سيد مجتبى حسيني خامنه اي، صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان ۽ ايران جي ڀائر عوام سان ان قومي سانحي تي مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ شهيد اڳواڻ جي درجن جي بلنديءَ ۽ مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي.

سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي قيادت ۾ پارلياماني وفد، پارليامينٽ ميمبرن ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پڻ وزيراعظم سان گڏ جنازي ۾ شرڪت ڪئي. جنازي ۾ شرڪت کانپوءِ وزيراعظم ترڪيه جي سرڪاري دوري تي استنبول روانو ٿي ويو.