اسلام آباد - 20 جون (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي، ته بنون ۾ دهشتگردن پاران معصوم مسافرن کي نشانو بڻائڻ انتهائي افسوسناڪ ۽ بزدلاڻو فعل آهي، ان حملي ۾ 7 قيمتي حياتين جي نقصان تي دلي ڏک ۽ صدمو پهتو آهي. ڇنڇر ڏينهن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته شهيدن جي ڪٽنبن سان تعزيت …
بنون ۾ دهشتگردن پاران معصوم مسافرن کي نشانو بڻائڻ بزدلاڻو فعل آهي: طارق فضل چوڌري
اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي، ته بنون ۾ دهشتگردن پاران معصوم مسافرن کي نشانو بڻائڻ انتهائي افسوسناڪ ۽ بزدلاڻو فعل آهي، ان حملي ۾ 7 قيمتي حياتين جي نقصان تي دلي ڏک ۽ صدمو پهتو آهي. ڇنڇر ڏينهن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته شهيدن جي ڪٽنبن سان تعزيت جو اظهار ڪيان ٿو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيان. هن چيو ته اهڙا انسانيت دشمن عنصر ڪنهن به رعايت جا مستحق ناهن، پوري قوم دهشتگردي خلاف متحد آهي ۽ امن دشمن پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. هن چيو ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ پونئرن کي صبر عطا فرمائي.












