اسلام آباد-19 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي پاڪستان جي ڪوششن ۽ ٽياڪڙيءَ سان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن معاهدي جي حوالي سان مبارڪن واري قرارداد جي منظوري ڏئي ڇڏي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ان حوالي سان قرارداد ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت گُهري. اجازت ملڻ تي هن قرارداد پڙهي ٻُڌائي، جنهن جي ايوان متفقه طور منظوري …
قومي اسيمبلي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن معاهدي تي مبارڪن واري قرارداد متفقه طور منظور ڪري ورتي

مزید خبریں
اسلام آباد-19 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي پاڪستان جي ڪوششن ۽ ٽياڪڙيءَ سان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن معاهدي جي حوالي سان مبارڪن واري قرارداد جي منظوري ڏئي ڇڏي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ان حوالي سان قرارداد ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت گُهري. اجازت ملڻ تي هن قرارداد پڙهي ٻُڌائي، جنهن جي ايوان متفقه طور منظوري ڏئي ڇڏي. قرارداد جي متن ۾ ٻُڌايو ويو ته پاڪستان جي قومي اسيمبلي انتهائي اطمينان ۽ فخر سان ان تاريخي سفارتي ڪاميابيءَ کي نوٽ ڪري ٿي، جيڪا آمريڪا ۽ اسلامي جمهوريه ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ امن ۽ استحڪام لاءِ هڪ فريم ورڪ تي ٻَڌل معاهدي تي صحيح جي صورت ۾ سامهون آئي آهي. هي ايوان ان تڪرار جي علائقائي امن استحڪام تي ناڪاري اثرن سان گڏوگڏ سڄي دنيا جي ملڪن جي معاشي استحڪام ۽ توانائيءَ جي تحفظ تي پوندڙ اثرن کي به تسليم ڪري ٿو. قرارداد جي متن ۾ ٻُڌايو ويو ته ايوان وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، گهرو معاملن واري وفاقي وزير سيد محسن نقوي، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ ڳالهين جي عمل ۾ شامل پوري ٽيم جي خدمتن کي خراجِ تحسين پيش ڪري ٿو، سندن مخلصفاڻين ۽ اڻٿڪ ڪوششن پاڪستان کي عالمي سطح تي هڪ قابلِ اعتماد ۽ غير جانبدار ٽياڪڙ طور نمايان مقام ڏياريو. هي ايوان اسلامي جمهوريه ايران ۽ آمريڪا جي قيادت کي به مبارڪون پيش ڪري ٿو. سندن دانشمنداڻي ڪردار کي ساراهي ٿو، جن جي نتيجي ۾ ڳالهيون ڪاميابيءَ سان مڪمل ٿيون ۽ ان تاريخي امن معاهدي تي صحيحون ممڪن ٿيون. هي معاهدو خطي ۽ دنيا ۾ امن، استحڪام ۽ گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ طرف هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو.











