برسلز - 18 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته سرحد پار پاڻي وسيلن کي ڪڏهن به دٻاءُ وجهڻ يا طاقت جي استعمال جي هٿيار طور نه ڏسڻ گهرجي، پاڻي هڪ گڏيل وسيلو، گڏيل ذميواري ۽ انساني وقار ۽ پائيدار ترقي جي بنيادي ضرورت آهي، پاڪستان سمورن معاملن کي ڳالهه ٻولهه، سفارتڪاري ۽ عالمي قانون تحت دستياب طريقيڪار جي ذريعي حل …
سرحد پار پاڻي وسيلن کي ڪڏهن به دٻاءُ وجهڻ يا طاقت جي استعمال جي هٿيار طور نه ڏسڻ گهرجي: نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جو برسلز ۾ ڪانفرنس کي خطاب

مزید خبریں
برسلز – 18 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته سرحد پار پاڻي وسيلن کي ڪڏهن به دٻاءُ وجهڻ يا طاقت جي استعمال جي هٿيار طور نه ڏسڻ گهرجي، پاڻي هڪ گڏيل وسيلو، گڏيل ذميواري ۽ انساني وقار ۽ پائيدار ترقي جي بنيادي ضرورت آهي، پاڪستان سمورن معاملن کي ڳالهه ٻولهه، سفارتڪاري ۽ عالمي قانون تحت دستياب طريقيڪار جي ذريعي حل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن برسلز ۾ “سرحد پار پاڻي وسيلا: هڪ هٿيار ٺاهيو ويندڙ عالمي اثاثو” جي موضوع تي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار چيو ته گڏيل پاڻي قومن کي ورڇ ڪرڻ بدران متحد ڪرڻ جو ذريعو هجڻ گهرجي ۽ پاڻي حڪمراني جو بنيادي اصول طاقت نه آهي پر تعاون هجڻ گهرجي. اها خوش آئنده ڳالهه آهي ته اڄ جي تقريب يورپ جي انهن اهم آوازن کي هڪ جڳهه تي گڏ ڪيو آهي جيڪي موسمياتي تبديلي، پاڻي وسيلن جي انتظام ۽ انهن اهم معاملن سان واڳيل سياسي رخن تي ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته آئون سي ايس پي ايس ۽ برسلز ۾ پاڪستاني سفارتخاني کي ان اهم ڪانفرنس جي گڏيل انعقاد تي ساراهيان ٿو. موجوده حالتن ۾ هي ڪانفرنس وقت سر آهي ۽ عالمي قانون، موسمياتي تبديلي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي بابت اهم معاملن کي اجاگر ڪري ٿي. هن چيو ته سيمينار جو عنوان “سرحد پار پاڻي وسيلا: هڪ هٿيار ٺاهيو ويندڙ عالمي اثاثو” ظاهر ڪري ٿو ته معاهدن، ٺاهن ۽ گڏيل اتفاق راءِ جي ذريعي سرحد پار پاڻين جو انتظام عالمي اهميت رکي ٿو. گڏيل وسيلن جو انتظام طئي ٿيل طريقيڪار تحت تعاون سان ٿيڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ مختلف مفاد پرست انهن وسيلن کي تڪرارن ۽ هٿيار جي طور استعمال ڪرڻ جو ذريعو بڻائي سگهن ٿا، جهڙوڪ اڄ جي دور ۾ وڌيڪ ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي. گڏيل قومن جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ڪوفي عنان چيو هو ته پاڻي وسيلن تي شديد قومي مقابلي اهو خدشو پيدا ڪيو آهي ته پاڻي جا مسئلا پرتشدد تڪرارن جو سبب بڻجي سگهن ٿا، پر اسان کي درپيش پاڻي بحران اڪثر پاڻي جي کوٽ بدران انتظام ۽ حڪمراني جا بحران هوندا آهن. گڏيل پاڻي جا وسيلا امن ۽ علائقائي يڪجهتي جو ذريعو بڻجي سگهن ٿا، جنگ جو سبب نه. نائب وزيراعظم چيو ته اها حقيقت آهي ته اسان کي اڄ جي دور ۾ به ان موضوع تي بحث ڪرڻو پئجي رهيو آهي جيڪو ڳڻتي جوڳو آهي. هن چيو ته اهڙن معاهدن، ٺاهن ۽ گهڻ رخي نظام جي احترام جي ذريعي برقرار رکڻ ضروري آهي ته جيئن ملڪ اختلافن کي ڇڪتاڻ بدران تعاون سان حل ڪري سگهن. هن چيو ته پاڪستان سدائين گڏيل قومن جي منشور ۾ ڏنل قدرن جي حمايت ڪئي آهي ۽ ان جي اصولن ۽ لاڳاپيل قراردادن تي قائم رهيو آهي. انهي جذبي تحت پاڪستان 1960ع ۾ ڀارت سان سنڌ طاس معاهدي تي صحيحون ڪيون جنهن جي ذريعي سنڌو درياءَ جي نظام جي ڇهن درياهن جي استعمال جي لاءِ هڪ فريم ورڪ قائم ڪيو ويو. هن چيو ته اهو معاهدو پنهنجي دائري جي اندر تڪرارن جي پرامن حل جو طريقو فراهم ڪري ٿو. ان معاهدي جي مضبوطي جو ثبوت اهو آهي ته اهو ٽن وڏين جنگين ۽ ڪيترن ئي ٻين چئلينجز جي باوجود ڏهاڪن تائين قائم رهيو. هن چيو ته اهو تسليم ڪرڻ ضروري آهي ته پاڪستان ماضي ۾ معاهدي تحت ڀارت جي ڪجهه قدمن تي پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو. معاهدي جي شقن موجب اسان عالمي طريقيڪار جي ذريعي حل جي ڪوشش ڪئي ۽ فيصلن جو احترام ڪريو، ڀلي اهو اسان جي اميدن موجب نه به هجي. ڪنهن به مرحلي تي ٻنهي مان ڪنهن هڪ ڌر هڪطرفي طور تي معاهدو ختم ڪرڻ کي قابل عمل رستو نه سمجهيو. ذميوار رياستون قائم ٿيل قانوني نظام کي رد ڪرڻ بدران ان جي اندر رهي ڪم ڪنديون آهن جڏهن ته اڄ اسان پاڻ کي بلڪل انهي نوعيت جي هڪ چئلينج کي منهن ڏيندي ڏسي رهيا آهيون. هن چيو ته اهو واضح ڪرڻ ضروري آهي ته اسان جا خدشا رڳو ڀارتي بيانن تي ٻڌل نه آهن. ڀارت پنهنجي سخت بيانن کانپوءِ غيرقانوني قدم به کنيا آهن جن ۾ ساولڪوٽ، ڪرٿائي، ڪوار وغيره جهڙا ذخيرا ٺاهڻ جا منصوبا، بگهيار ۽ سلال جهڙن موجوده منصوبن جي توسيع ۽ سڀ کان ڳڻتي جوڳي طور تي سنڌو درياءَ، چناب درياءَ ۽ راوي درياءَ جي پاڻي جي رخ کي موڙڻ جا منصوبا شامل آهن. مجموعي طور تي گهٽ ۾ گهٽ 17 اهڙا منصوبا آهن جيڪي پوري دريائي نظام کي نمايان طور تي تبديل ڪري سگهن ٿا ۽ ڀارت کي گهربل “پاڻي بالادستي” جا ذريعا فراهم ڪري سگهن ٿا. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار چيو ته درياءَ رڳو پاڻي جو رستو ناهن هوندا پر زندگي جي شهه رڳ هوندا آهن. انهن جي تاريخي اهميت گهري آهي ۽ اهي انساني بقاءَ ۽ روزمره جي ضرورتن جو بنيادي ذريعو آهن. دنيا جي قديم ترين مسلسل آباد تهذيبن مان هڪ واديءَ سنڌ جي تهذيب آهي جنهن بعد ۾ گنڌارا تهذيب کي پروان چاڙهيو ۽ ڪيترين ئي ثقافتي ۽ تاريخي ترقين کي جنم ڏنو، اڄ خطري ۾ ورتل آهي. اسان جي اوڀر پاڙيسري پاران 24 ڪروڙ ماڻهن کي انهن جي جائز پاڻي حق کان محروم ڪرڻ جي مبينا پاليسي هڪ وڏي انساني بحران جو بنياد آهي. هن چيو ته پاڻي کي ڪڏهن به دٻاءُ وجهڻ يا طاقت جي استعمال جي هٿيار طور نه ڏسڻ گهرجي. اهو هڪ گڏيل وسيلو، گڏيل ذميواري ۽ انساني وقار ۽ پائيدار ترقي جي بنيادي ضرورت آهي. ان لاءِ سرحد پار پاڻين جي مستقبل جو انتظام تعاون ۽ عالمي قانون جي احترام تي ٻڌل هجڻ گهرجي. هن چيو ته اهو مسئلو رڳو ڏکڻ ايشيا تائين محدود نه سمجهڻ گهرجي. معاهدن جو احترام عالمي نظام جو بنياد آهي. يورپ ۾ به اهڙا مثال موجود آهن جتي سرحد پار پاڻي معاهدن تي عملدرآمد رياستن کي پاڻي وسيلن کي تعاون جي ذريعي ونڊڻ ۽ علائقائي استحڪام ۽ خوشحالي کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ڏني. ان لاءِ معاهدن جي پاسداري رڳو علائقائي نه پر هڪ عالمي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان سمورن معاملن کي ڳالهه ٻولهه، سفارتڪاري ۽ عالمي قانون تحت دستياب طريقيڪار جي ذريعي حل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اسان جو موقف ٽڪراءُ تي نه پر ان يقين تي ٻڌل آهي ته پائيدار حل رڳو تعاون ۽ گڏيل طئي ٿيل ذميوارين جي احترام سان ئي ممڪن آهي. هن چيو ته پاڪستان کي اهو چئلينج اهڙي وقت ۾ درپيش آهي جڏهن هو اڳ ۾ ئي موسمياتي تبديلي جي اثرن کان غيرمتناسب طور تي متاثر ٿي رهيو آهي. عالمي گرين هائوس گئس اخراج ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو هجڻ جي باوجود پاڪستان دنيا جي انهن ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي موسمياتي تبديلي جي حوالي سان سڀ کان وڌيڪ خطري ۾ ورتل آهن. هي وقت پاڻي معاملن تي عالمي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي گهرج ڪري ٿو. هن چيو ته مون کي اميد آهي ته اڄ جي ڳالهه ٻولهه سرحد پار پاڻي وسيلن جي انتظام ۾ تعاون جي اهميت کي اجاگر ڪندي جنهن ۾ سنڌ طاس معاهدي کي هڪ مثال جي طور تي ڏٺو ويندو جڏهن ته ٻين خطن ۽ دريائي نظامن کان به قابل قدر تجربا حاصل ڪيا ويندا. هن چيو ته اچو اڄ ان عزم جو ورجاءُ ڪريون ته گڏيل پاڻي قومن کي ورڇ ڪرڻ بدران متحد ڪري ۽ سرحد پار پاڻي حڪمراني جو بنيادي اصول طاقت نه پر تعاون هجڻ گهرجي.











