اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ گهرو وزير محسن نقوي جون سفارتي ڪوششون ساڀيان ٿي رهيون آهن ۽ ايران ۽ آمريڪا جنگبندي معاهدي طرف اڳڀرائي ڪري رهيا آهن جنهن جا هاڪاري اثر عالمي توانائي مارڪيٽن ۾ به پڻ نمايان ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. خميس ڏينهن …
وزيراعظم تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائيءَ جو فائدو فوري طور تي عوام تائين منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي: وفاقي وزير علي پرويز ملڪ
اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ گهرو وزير محسن نقوي جون سفارتي ڪوششون ساڀيان ٿي رهيون آهن ۽ ايران ۽ آمريڪا جنگبندي معاهدي طرف اڳڀرائي ڪري رهيا آهن جنهن جا هاڪاري اثر عالمي توانائي مارڪيٽن ۾ به پڻ نمايان ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. خميس ڏينهن ”ايڪس“ تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي ۽ وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته ان گهٽتائيءَ جو فائدو فوري طور تي عوام تائين منتقل ڪيو وڃي. ان مقصد لاءِ حڪومت هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي آهي جيڪا پيٽروليم شين جي قيمتن جي تعين لاءِ شفاف هفتيوار فارمولا جوڙيندي. علي پرويز ملڪ چيو ته شفاف فارمولي تحت عوام کي قيمتن ۾ ڦيرڦار جي ڪارڻن کان مڪمل آگاهي حاصل هوندي ۽ مستقبل ۾ قيمتن جي تعين جو عمل وڌيڪ شفاف بڻايو ويندو. هن چيو ته ان فارمولي کي سمورين ڌُرين سان صلاح مشوري کانپوءَ حتمي شڪل ڏني ويندي. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته موجوده علائقائي صورتحال جي روشنيءَ ۾ پاڪستان حڪومت پنهنجي توانائي سلامتي جي حڪمت عمليءَ جو پڻ نئين سر جائزو وٺي رهي آهي ۽ ايندڙ مهينن ۾ رياستي مفادن جي تحفظ ۽ توانائيءَ جي محفوظ مستقبل لاءِ ڪيترائي قدم متعارف ڪرايا ويندا.












